Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اهي اڳڪٿيون بلڪل ئي ڪوڙيون آهن، جن تي يقين ڪرڻ سان اوهين پنهنجن ملڪن مان پري ڌڪجي هليا ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍندس ۽ اوهين ناس ٿي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو هو اوهان کي هڪڙي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين، انهي لاءِ تہ اوهان کي پنهنجي ملڪ مان پري ڪڍي موڪلين؛ ۽ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان ۽ اوهين چٽ ٿي وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:10
17 Iomraidhean Croise  

اوهين ڪنهن بہ جادوگرياڻيءَ کي جيئرو نہ ڇڏجو.


تڏهن خداوند مون کي وراڻي ڏني تہ ”اهي نبي سڏائيندڙ منهنجي نالي تي ڪوڙو پيغام ڏين ٿا. مون انهن کي نڪي موڪليو آهي، نڪي کين ڪو حڪم ڏنو اٿم ۽ نہ وري مون ساڻن ڳالهايو ئي آهي. اهي ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون، ڪوڙيون فالون ۽ پنهنجيون ٺڳيءَ سان ٺاهيل ڳالهيون ٿا ٻڌائين.


سو قادرِمطلق خداوند يروشلم وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي نبي سڏائيندڙ اوهان جي اڳيان پيغام ڏين ٿا تن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اهي اوهان کي ڪوڙين اميدن سان ڀرپور ڪن ٿا. اهي مون خداوند جون چيل ڳالهيون نہ، بلڪ پنهنجي دل جا خيال وَ خواب ئي اوهان کي ٻڌائين ٿا.


منهنجي نالي ۾ هو جيڪو ڪوڙو پيغام ڏين ٿا سو مون ٻڌو آهي. هنن مان هر ڪو چوي ٿو تہ ’مون کي خواب ۾ خدا جو پيغام مليو آهي! مون کي رويا ملي آهي!‘


سو اوهين انهن نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، جيڪي اڳڪٿي ڪري اوهان کي چون ٿا تہ ’اوهين بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪندا.‘ اهي اوهان کي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪري ٿا ٻڌائين.


خداوند پاڻ فرمائي ٿو تہ ’مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي. هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين انهن تي يقين ڪندا تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهين انهن نبي سڏائيندڙن سان گڏ ناس ٿي ويندا، جيڪي اوهان کي اڳڪٿيون ڪري ٻڌائين ٿا.‘“


پوءِ مون يرمياہ وڃي ڪاهنن ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اوهين انهن نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، جيڪي اڳڪٿي ڪري چون ٿا تہ ’هاڻ سگھو ئي خداوند جي هيڪل جو سامان بابل مان موٽائي آندو ويندو.‘ اهي اوهان کي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪري ٿا ٻڌائين.


پوءِ حننياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’انهيءَ ئي طرح آءٌ ٻن سالن اندر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي غلاميءَ جي پاڃاري سڀني قومن جي ڳچيءَ مان ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس.‘“ پوءِ آءٌ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويس.


تنهنڪري خداوند تو بابت فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو کي روءِزمين تان مِٽائڻ وارو آهيان. هن ئي سال تون مري ويندين، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“


ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن يروشلم شهر بڻايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن شهر منهنجي ڪاوڙ کي ايترو تہ پئي اڀاريو آهي جو هاڻ ضروري آهي تہ آءٌ انهيءَ شهر کي مِٽائي ڇڏيان.


ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ ”ڇا خداوند صيئون مان هليو ويو آهي؟ ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“ خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ ”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي، جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“


تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.


تڏهن جادوگر، نجومي، رملي ۽ فال وجھندڙ اچي حاضر ٿيا. مون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، مگر اهي مون کي ان جو تعبير ٻڌائي نہ سگھيا.


بوتا ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، ۽ فالون وجھندڙ ڪوڙيون رويائون ٿا ڏسن. هو ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي دلداري ٿا ڏين، جڏهن تہ هنن جي اها دلداري اجائي آهي. سو ماڻهو بنا ريڍار جي رڍن وانگر رلي ويا آهن، هائو، کين ستايو وڃي ٿو، ڇو تہ سندن ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


اوهان منجھہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هجي جيڪو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي قربانيءَ طور ساڙي، يا جيڪو غيب جون ڳالهيون ڪري، قسمت جو حال ٻڌائي، فال وجھي، جادوگري ڪري،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan