Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:1 - Muslim Sindhi Bible

1 يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي شروعات ۾ ئي خداوند وٽان مون يرمياہ تي فرمان نازل ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾ هي ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:1
8 Iomraidhean Croise  

جڏهن صدقياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال حڪومت ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو جيڪا يرمياہ جي ڌيءَ هئي جيڪو لبناہ شهر جو هو.


صدقياہ کي جڏهن بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي.


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي شروع ۾ مون يرمياہ تي خداوند وٽان هي فرمان نازل ٿيو تہ


مون اهي ئي ڳالهيون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بہ چيون تہ ”اي صدقياہ! جيڪڏهن تون ۽ تنهنجي قوم زندہ رهڻ گھرو ٿا تہ پوءِ اوهين پنهنجيون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاريءَ ۾ آڻي وجھو ۽ انهيءَ جي ۽ سندس قوم جي تابعداري ڪريو.


تنهن کان پوءِ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ آيا آهن تن کي چئُہ تہ هو پنهنجي آقائن يعني ادوم، موآب، عمون، صور ۽ صيدا جي بادشاهن کي وڃي


ساڳئي سال، يعني يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جي پنجين مهيني ۾ جِبعون جي رهاڪو نبي سڏائيندڙ حننياہ ولد عزور خداوند جي گھر ۾ ڪاهنن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي روبرو مون يرمياہ کي چيو تہ


يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي ڏهين سال جيڪو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو ارڙهون سال هو، خداوند جو فرمان مون يرمياہ تي نازل ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan