Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 26:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تون خداوند جي نالي ۾ اڳڪٿي ڪري ڇو چوين ٿو تہ هيءَ هيڪل سيلا شهر جهڙي ٿي ويندي ۽ هي شهر اهڙو ويران ڪيو ويندو جو ڪوبہ منجھس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟“ تڏهن خداوند جي گھر ۾ موجود سڀيئي ماڻهو منهنجي چوڌاري اچي گڏ ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ تو خداوند جي نالي سان نبوت ڪري چيو آهي تہ هي گهر سيلا جهڙو ٿيندو، ۽ هي شهر اهڙو ويران ٿيندو جو ڪوبہ منجهس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟ پوءِ سڀ ماڻهو يرمياہ وٽ خدا جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 26:9
28 Iomraidhean Croise  

جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


خدا انهن کي برباد ڪري ڇڏيندو، جيڪي بي‌گناهن کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا قرار ڏين، ۽ شهر جي دروازي وٽ ويهي عدالت ڪندڙ کي ڦندي ۾ ٿا ڦاسائين، ۽ سچار کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان انصاف کان دور ٿا رکن.


بادشاهہ صدقياہ مون کي هي چئي قيد ڪرايو هو تہ ”تون منهنجي خلاف خداوند جي نالي جو پيغام ڇو ٿو ٻڌائيندو وتين؟“ انهيءَ سبب جو مون خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ”آءٌ هي يروشلم شهر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو ان تي قبضو ڪري وٺندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ انسان يا جانور ڪونهي.‘ جيتوڻيڪ يروشلم جون گھٽيون ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر ويران آهن ۽ منجھن نہ ڪو ماڻهو آهي ۽ نہ وري ڪو جانور، تنهن هوندي بہ انهن مان هڪ دفعو وري خوشي ۽ سرهائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هائو، اتي گھوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي منهنجي هيڪل ڏانهن شڪرگذاريءَ جا نذرانا هي ڳائيندي آڻيندا آهن تہ ’قادرِمطلق خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس شفقت لافاني آهي.‘ آءٌ هن ملڪ جي خوشحالي اڳي وانگر بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ٻيو تہ بادشاهہ يهويقيم کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’چمڙي جو اهو ويڙهوٽو ساڙڻ جي تو کي ڪيئن جرئت ٿي ۽ تو يرمياہ جي لکت کي ڇو رد ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هن ملڪ کي ناس ڪندو ۽ اتي جي ماڻهن توڙي جانورن کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو؟


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


يروشلم کي اها سزا نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي، جن بي‌گناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو.


سو خبردار اي اوهين! جيڪي عدالت ۾ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندڙن، توڙي سچ ڳالهائيندڙن کان نفرت ڪري کين ڌڪاريو ٿا.


اهي امير مون کي ڇينڀيندي چون ٿا تہ ”اسان کي نہ ڊيڄار! هائو، اڳڪٿيون ڪري اهڙيون ڳالهيون نہ ڪر، خداوند اسان کي خوار خراب نہ ڪندو.


عيسيٰ جڏهن هيڪل ۾ اچي تعليم پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“


انهيءَ دوران سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن خلق کي سمجھايو تہ هو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.


پر خلق سردار ڪاهنن جي دٻاءُ تي پلاطس کي چيو تہ هو عيسيٰ جي بدران برابا کي آزاد ڪري.


عيسيٰ اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ چندي وارين پيتين وٽ تعليم ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو.


تنهن تي انهن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ خداپرست معزز عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


سو سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي ويا ۽ پوءِ هڪدم در بند ڪيا ويا.


ايستائين تہ ميڙ وارا پولس جي ڳالهہ ٻڌندا رهيا، پر هاڻ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو! اهڙو ماڻهو دنيا ۾ رهڻ جي لائق نہ آهي!“


جڏهن هو پطرس ۽ يوحنا کي چنبڙيو بيٺو هو تڏهن سڀيئي ماڻهو ڏاڍي حيرت وچان انهيءَ ورانڊي ڏانهن ڊوڙندا وٽن آيا، جنهن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آهن.


رسول ماڻهن ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون ڪندا هئا ۽ سڀيئي ايمان وارا هيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ اچي گڏبا هئا.


کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“


اسان کيس هي چوندي ٻڌو آهي تہ عيسيٰ ناصري هيڪل کي ڊاهي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan