Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 26:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تہ آءٌ هن گهر کي سيلا جهڙو ڪندس، ۽ هن شهر کي زمين جي سڀني قومن لاءِ لعنت ٺهرائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 26:6
20 Iomraidhean Croise  

’جيئن ئي تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌو جنهن ۾ مون چيو آهي تہ اهي لعنتي ۽ ٻين لاءِ هڪ مثال ٿيندا، تنهنجي دل نرم هئي، سو تو عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو. مون بني يعقوب تي لعنت آندي، هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“


آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.


آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا.


شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تان‌تہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن.


آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.


انهيءَ ڪري اوهين يهوداہ جا سڀ جلاوطن جيڪي بابل ۾ آهيو سي هيءَ لعنت مثال طور ڪم آڻيندا تہ ”شل خداوند تو کي صدقياہ ۽ اخي‌اب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ ڏيئي ساڙائي ڇڏيو.“


سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘


هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


هاڻ اي پيارا يروشلم! تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن. اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ ”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي، جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر، ۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“


تنهنجا سڀ دشمن تو تي ڦٽڪار ٿا ڪن، ۽ ڪتن وانگر تو تي گُرڪن ٿا. اهي ڏند ڪرٽي چون ٿا تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن جا اسين طلبگار هئاسين، تہ اسين پنهنجي اکين سان انهيءَ شهر جي بربادي ڏسون. هاڻ اسان پاڻ انهيءَ کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“


هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


تڏهن هن مون کي سمجھايو تہ ”انهيءَ ويڙهوٽي ۾ لعنت لکيل آهي، جيڪا بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ واري آهي. ان ويڙهوٽي جي هڪ پاسي تي لکيل آهي تہ هر چور کي تڙي ڪڍيو ويندو، جڏهن تہ ان جي ٻئي پاسي تي لکيل آهي تہ ڪوڙ تي قسم کڻڻ وارو هر هڪ ماڻهو تڙيو ويندو.


هو ماءُ پيءُ ۽ سندن اولاد جون دليون ڦيرائي کين هڪ ڪندو تہ جيئن آءٌ اچي اوهان جو ملڪ برباد نہ ڪريان.“


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan