Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 26:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهان منهنجي ٻانهن يعني نبين جون ڳالهيون بہ نہ مڃيون آهن جن کي بار بار مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل واٽ تي نہ هلندا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ جن پنهنجن ٻانهن نبين کي صبح جو سوير اُٿي اوهان ڏي موڪليان ٿو، پر جن جي اوهان نہ ٻڌي آهي تن جون ڳالهيون جي اوهين نہ ٻڌندا؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 26:5
20 Iomraidhean Croise  

خداوند پنهنجي سڀني نبين ۽ غيبدانن جي وسيلي اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن کي تنبيهہ ڪئي هئي تہ ”پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو ۽ منهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي هلو جيڪي مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي اوهان کي بہ ڏنا.“


ايستائين جو خداوند کين پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت کين چتاءُ ڏنو هو. سو اسرائيل وارا پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اشور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين رهندا ٿا اچن.


خداوند بابلين، ارامين، موآبين ۽ بني عمون جا ٽولا يهوداہ ملڪ تي موڪليا. خداوند کين انهيءَ لاءِ موڪليو تہ هو يهوداہ کي تباهہ ڪن، جيئن هن پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت اڳ ۾ فرمايو هو.


تون پنهنجي مالڪ اخي‌اب جي گھراڻي کي تباهہ ڪندين. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن نبين ۽ پنهنجي ٻين سڀني ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندس، جيڪو ايزبل جي هٿان ٿيو هو.


جيڪي حڪم تو پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت فرمايا هئا تہ ’جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا سو اتان جي ماڻهن جي گندگيءَ جي ڪري ناپاڪ آهي. هنن پنهنجي مڪروہ عملن سان ان ملڪ کي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو آهي.


جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ کين بار بار تنبيهہ ڪندو رهيس تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن.


ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.


تنهنڪري ياد رکو، آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي اُهي سڀ مصيبتون آڻڻ وارو آهيان جن جي آڻڻ بابت آءٌ اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مون اوهان سان ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو. مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب نہ ڏنو.“


مون بار بار پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن پئي موڪليا جن اوهان کي ٻڌايو تہ ’اهو ڪراهت جهڙو ڪم نہ ڪريو جنهن کان خداوند کي نفرت آهي.‘


جڏهن اوهان هي سڀ بڇڙا ڪم ڪيا پئي تڏهن مون اوهان سان بار بار پئي ڳالهايو، پر اوهان منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي. مون اوهان کي سڏيو، پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو.


جنهن ڏينهن اوهان جا ابا ڏاڏا مصر ملڪ مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، هميشہ بروقت مون پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن موڪليا آهن.


گھڻو اڳي مون پنهنجي نبين جي معرفت بني اسرائيل کي خبردار ڪيو هو تہ ڪجھہ عرصي بعد آءٌ سندن دشمن لشڪرن کي مٿن چاڙهي آڻيندس. سو اي ياجوج! سندن اهو دشمن تون ئي آهين ۽ اهو ڏينهن بہ اچڻ وارو آهي.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادر‌مطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“


پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن ستون ملائڪ توتارو وڄائڻ وارو هوندو تڏهن خدا پنهنجي راز جون ڳالهيون پوريون ڪندو، جيڪي هن پنهنجي ٻانهن يعني نبين کي ٻڌايون هيون.“


قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا ٻانها، يعني تو خدا جو پيغام ڏيندڙ ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پاڪ ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan