Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 26:15 - Muslim Sindhi Bible

15 رڳو ايتري پڪ ڄاڻجو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي ماري وجھندءُ تہ اوهين پنهنجي ۽ يروشلم شهر جي سڀني رهاڪن جي سر تي هڪڙي بي‌گناهہ جو خون آڻيندءُ، ڇاڪاڻ تہ سچ پچ خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 26:15
21 Iomraidhean Croise  

تنهن تي خداوند چيس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان بدلي وٺڻ لاءِ پيو پڪاري.


تڏهن روبن کين وراڻيو تہ ”مون اوهان کي ڪونہ چيو هو تہ ’ڇوڪري سان ظلم نہ ڪريو.‘ پر اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هاڻ انهيءَ جي خون جي پڇا ٿي آهي.“


خاص طور منسيءَ بي‌گناهن جو ايترو تہ رت وهايو جو هن يروشلم کي رت سان ڀري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند کيس معافي ڏيڻ نہ ٿي گھري.


اهڙيءَ طرح بادشاهہ يوآس زڪرياہ جي پيءُ جا اهي احسان بہ وساري ڇڏيا جيڪي هن ساڻس ڪيا هئا، بلڪ سندس پٽ کي مارائي ڇڏيائين. زڪرياہ مرڻ وقت پڪاري چيو تہ ”شل خداوند اهو ڏسي ۽ اوهان سڀني کان انهيءَ جو حساب وٺي.“


ماڻهن جا ڇهہ بلڪ ست اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم آهن جن کان خداوند کي نفرت آهي:


مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، بي‌گناهن جو رت وهائيندڙ هٿ،


مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


ان کان علاوہ تنهنجي ڪپڙن تي رت جا داغ بي‌گناهہ غريبن جا آهن نڪي کاٽ هڻندڙن جا.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


تڏهن يرمياہ سڀني عملدارن ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”خداوند پاڻ مون کي موڪليو آهي تہ هن هيڪل ۽ هن شهر جي خلاف اهي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري ٻڌايان جيڪي اوهان هاڻ ٻڌيون.


خداوند طرفان مون يرمياہ تي هي فرمان نازل ٿيو تہ


جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،


اوهين ائين ڪري انهيءَ ملڪ کي ناپاڪ نہ ڪجو جنهن ۾ پاڻ رهو ٿا. خون ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري ۽ جنهن ملڪ ۾ خون وهائجي ٿو تنهن جو ڪفارو قاتل جي خون کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ٿي نہ ٿي سگھي.


دغاباز يهوداہ ڳالهايو ۽ پڇيائين تہ ”اي استاد! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اهو تہ تون پاڻ ئي ٿو ڄاڻين.“


هنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! هنن جي هن گناهہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan