يرمياہ 26:13 - Muslim Sindhi Bible13 سو هاڻ اوهين پنهنجا طور طريقا ۽ پنهنجا عمل سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪريو. پوءِ خداوند پنهنجو خيال تبديل ڪندو ۽ اوهان تي اها مصيبت نہ آڻيندو جنهن جي آڻڻ جو هن اظهار ڪيو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible13 تنهن ڪري هاڻي اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام مڃيو، تہ پوءِ جنهن خرابيءَ جو خداوند اوهان جي برخلاف حڪم جاري ڪيو آهي تنهن کان هو ڦرندو. Faic an caibideil |
پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.
سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟