Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 26:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن يرمياہ سڀني عملدارن ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”خداوند پاڻ مون کي موڪليو آهي تہ هن هيڪل ۽ هن شهر جي خلاف اهي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري ٻڌايان جيڪي اوهان هاڻ ٻڌيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تڏهن يرمياہ سڀني اميرن کي ۽ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ خداوند مون کي موڪليو تہ هن گهر ۽ هن شهر جي برخلاف اُهي ڳالهيون نبوت ڪري ٻڌايان جي اوهان ٻڌيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 26:12
9 Iomraidhean Croise  

رڳو ايتري پڪ ڄاڻجو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي ماري وجھندءُ تہ اوهين پنهنجي ۽ يروشلم شهر جي سڀني رهاڪن جي سر تي هڪڙي بي‌گناهہ جو خون آڻيندءُ، ڇاڪاڻ تہ سچ پچ خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان.“


”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ.


جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو.


پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ لازمي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan