Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 25:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اوهين غير معبودن يا پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جا پوئلڳ بڻجي انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي انهن کي سجدو ڪري خداوند کي چڙ ڏياريو. تڏهن خداوند اوهان کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائيندو.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 اوهين ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ ۽ انهن کي سجدي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان نہ وڃو، ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي ڪاوڙ نہ ڏياريو؛ ۽ آءٌ اوهان کي ڪو ايذاءُ نہ پهچائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 25:6
17 Iomraidhean Croise  

يهوداہ وارن اهي ڪم ڪيا جيڪي خدواند جي نظر ۾ برا هئا. پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪمن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪري هنن خداوند کي ڪاوڙايو.


جڏهن خداوند بني اسرائيل سان عهد ٻڌو هو تڏهن کين خداوند جو حڪم ٻڌايو ويو هو تہ ”اوهان غير معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نہ انهن اڳيان سر نوائجو ۽ نہ انهن لاءِ قرباني پيش ڪجو.


اوهين پنهنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاهي، انهن کي مون سان گڏ شريڪ نہ ڪريو.


مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.


اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي اهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب آهن. حقيقت ۾ بني اسرائيل قوم پنهنجي هٿن جي ڪيل ڪمن سان مون کي رڳو پئي ڪاوڙايو آهي،


مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.


هاڻ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ ڇو اوهين پنهنجين جانين تي هيءَ وڏي مصيبت ٿا آڻيو، جنهن سبب اوهين مرد، عورتون، ٻار ۽ کير پياڪ ناس ٿي وڃو ۽ اوهان يهوداہ وارن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچي؟


مصر ملڪ جتي اوهين رهڻ لاءِ آيا آهيو، اتي ڇو غير معبودن جي پوڄا ڪندي سندن اڳيان قربانيون پيش ڪري اوهين مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؟ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ کي برباد ڪري دنيا جي سڀني قومن منجھہ لعنت ۽ ملامت جوڳو بڻائيندا.


جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“


پوءِ ٿي سگھي ٿو تہ جنهن نشانيءَ يا معجزي جي هن خبر ڏني هجي سو پورو ٿئي ۽ هو اوهان کي چوي تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ آهيو.


ان کان سواءِ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي يا کاٻي طرف ڦري اوهين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا نہ ڪندا.“


جيڪي قومون اوهان جي آس‌پاس رهنديون هونديون، تن جي معبودن جي پٺيان نہ لڳجو،


هاڻي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين ضرور نابود ڪيا ويندا.


جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اوهان سان هيتري تائين چڱائي پئي ڪئي آهي، سو اوهان کان منهن ڦيرائي ويندو ۽ اوهان تي مصيبت آڻيندو. هو اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan