Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 25:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهن نبين چيو تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي خراب رستي ۽ بڇڙن ڪمن کان باز اچي تہ جيئن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ رهي سگھو، جيڪو ملڪ خداوند پراڻي زماني کان هميشہ هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 انهيءَ چيو تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان ۽ پنهنجي ڪمن جي خرابيءَ کان باز اچي، ۽ جيڪا زمين خداوند قديم وقت کان هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي تنهن ۾ رهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 25:5
20 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


ڏس، اي خداوند! مون کي ڪنهن خراب راهہ تي هلڻ نہ ڏي، بلڪ مون کي انهيءَ راهہ تي وٺي هل جيڪا ابدي راهہ آهي.


تنهنڪري اوهين بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو، ۽ هر ڪنهن سان نيڪي ڪريو، تڏهن ئي اوهين هن ملڪ ۾ هميشہ تائين قائم رهندا.


سو اوهين وهنجو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪريو. اوهين بڇڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو، جيڪي آءٌ اوهان ۾ ڏسان ٿو. هائو، بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿيو.


تہ پوءِ اوهان جي شهر تي دائود جي جاءِ‌نشينن جي بادشاهي قائم رهندي ۽ هي شهر هميشہ لاءِ آباد رهندو. تڏهن بادشاهہ پنهنجن عملدارن سميت هن شهر جي دروازن مان پيا لنگھندا. هائو، اهي پنهنجن عملدارن سميت جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙن تي سوار ٿي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي همراهيءَ ۾ شهر ۾ پيا ايندا ويندا.


تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو.


مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! جيڪڏهن اوهين توبهہ ڪندءُ، هائو، جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندءُ، جيڪڏهن اوهين انهن نفرت ڏياريندڙ بتن کي پنهنجي اڳيان هٽائي ڇڏيندءُ، منهنجا فرمانبردار ٿيندءُ،


تہ پوءِ آءٌ اوهان کي هن هنڌ تي آباد ڪري ڇڏيندس، يعني هن ملڪ ۾ جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي هميشہ هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏيو هو.


هاڻي اي بني اسرائيل! آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن موجب بدلو ڏيندس. تنهنڪري اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي گناهن کان باز اچو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي بڇڙائي اوهان جي برباديءَ جو سبب نہ بڻجي.


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“


پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اها تبليغ ڪئي تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan