هنن اچي کيس چيو تہ ”ڇا اوهان کي خبر ناهي تہ اسماعيل ولد نتنياہ نالي هڪ ماڻهوءَ کي بني عمون جي بادشاهہ بعليس اوهان کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي؟“ پر جِدلياہ کي انهن جي ڳالهہ تي يقين نہ آيو.
قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي نبو شهر وارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ سندن شهر ويران ٿي ويندو. قريتائم شهر جا رهاڪو پڻ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهر جو ڪوٽ ڪيرايو ويندو، ۽ شهر قبضي هيٺ اچي ويندو.
بني عمون بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل ملڪ جا مرد ڪٿي آهن؟ ان جو ڪو وارث ڪونهي ڇا؟ پوءِ ڇو مولڪ ديوتا جا پوڄاري جد قبيلي ۽ سندس علائقي تي قبضو ڪري ان جي شهرن ۾ آباد ٿي ويا آهن؟
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾ جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”موآب ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ادوم جي بادشاهہ جا بہ هڏا ساڙي چونو بڻائي ڇڏيا آهن.
تڏهن يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن وارا باهہ جي شعلي مثل هوندا، جيڪي عيسوءَ جي گھراڻي کي بُهہ جيان ساڙي رک ڪري ڇڏيندا. ايتري قدر جو ادوم وارن مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.