Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 25:18 - Muslim Sindhi Bible

18 شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تان‌تہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 يعني يروشلم ۽ يهوداہ جي شهرن، ۽ ان جي بادشاهن، ۽ ان جي اميرن کي، انهي لاءِ تہ انهن کي ويران ڪري، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ لعنت جو سبب ڪري؛ جيئن ڪہ اڄوڪي ڏينهن آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 25:18
27 Iomraidhean Croise  

تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي. هائو، تو پنهنجي زبان سان واعدو ڪيو هو ۽ پنهنجي قدرت سان اُهو پورو ڪيو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


’جيئن ئي تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌو جنهن ۾ مون چيو آهي تہ اهي لعنتي ۽ ٻين لاءِ هڪ مثال ٿيندا، تنهنجي دل نرم هئي، سو تو عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


اهو ئي سبب آهي جو خداوند جو غضب يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي اچي ڪڙڪيو. هن انهن کي اهڙي مصيبت ۾ وڌو جو اهي ڏهڪاءَ ۽ حيرت جو سبب بڻيا، جيڪو اوهين اڄ بہ ڄاڻو ٿا.


اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسين وڏا ڏوهاري رهيا آهيون. پنهنجن گناهن جي ڪري اسين، اسان جا بادشاهہ ۽ اسان جا ڪاهن ٻين ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾ ڏنا ويا آهيون تہ جيئن جنگ، جلاوطني ۽ ڦرلُٽ سبب اسين شرمندا ٿيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


اڄ اسين غلام آهيون. هائو، اسين انهيءَ ئي ملڪ ۾ غلام آهيون، جيڪو تو اسان جي ابن ڏاڏن کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو، تہ جيئن هو انهيءَ جو ميوو ۽ ٻيون چڱيون شيون واپرائين.


تو پنهنجيءَ هن قوم کي سختين جو منهن ڏيکاريو آهي. تو اسان کي ڄڻ تہ اهڙي مئي پيئاري آهي جيڪا ٿاٻڙائي ٿي.


هو دنيا جي طاقتور حڪمرانن کي هيٺ ڪيرايو ڇڏي، ۽ کين ڪين جهڙو ڪريو ڇڏي.


آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.


ياد رک، اڄ مون تو کي قومن ۽ حڪومتن تي اختيار ڏنو آهي تہ تون کين پاڙؤن پٽين، ڀڃين ڊاهين، اونڌو يا ناس ڪرين، يا وري کين اڏائين ۽ آباد ڪرين.“


پوءِ ٻيو ڀيرو خداوند مون کي فرمايو تہ


”انهيءَ پوتڙي وانگر آءٌ يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن جي وڏي مغروريءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس.


آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا.


هي سڄو ملڪ ويرانو ۽ حيرت جو سبب بڻجي ويندو ۽ هي قومون ستر سالن تائين بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.‘


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“


هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


دنيا ۾ جيڪي ملڪ ويران ٿي ويا آهن، تن کان مصر وڌيڪ ويران ٿي ويندو. انهيءَ جا شهر ٻين ڊٺل شهرن کان وڌيڪ اجڙي ويندا.


تو اسان جي خلاف ۽ اسان جي حاڪمن جي خلاف جيڪي بہ فرمايو هو، سو اسان تي هڪڙي وڏي آفت آڻڻ سان صحيح ثابت ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو سڄي جهان ۾ ٻيو ڪٿي بہ ڪين ٿيو آهي.


تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“


اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخي‌اب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“


پر اوهين خداوند جي راهہ ۾ انهن فنا ڪرڻ وارين مخصوص شين کان پاڻ کي پري رکجو، متان انهن مان ڪا شيءِ کڻي پاڻ تي ۽ بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ تي تباهي آڻيو.


هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت خدا جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انجام ٿيندو جيڪي مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan