يرمياہ 25:1 - Muslim Sindhi Bible1 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي باري ۾ مون يرمياہ نبيءَ تي خدا جو فرمان نازل ٿيو. بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو اهو پهريون سال هو. Faic an caibideilSindhi Bible1 اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين سال ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو؛ اُهو ئي ساڳيو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو پهريون سال هو؛ Faic an caibideil |
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند جو فرمان مٿس وري وري نازل ٿيندو رهيو. انهيءَ کان پوءِ يهوداہ جي ٻئي بادشاهہ صدقياہ ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي دوران بہ يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيندو رهيو. صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال جي پنجين مهيني ۾ يروشلم جا ماڻهو جلاوطن ڪيا ويا.