يرمياہ 24:9 - Muslim Sindhi Bible9 آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا. Faic an caibideilSindhi Bible9 آءٌ انهن کي اهڙو ڇڏي ڏيندس جو هو زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ مصيبت منجهہ دربدر ٿي ويندا؛ ۽ جن جن جاين تي آءٌ انهن کي هڪالي موڪليندس اُتي هو ملامت، ۽ پهاڪو، ۽ طعنو، ۽ لعنت ٿيندا. Faic an caibideil |
تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي.
سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘