Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 24:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ آڳاٽن پڪل انجيرن جهڙا نهايت عمدا انجير هئا ۽ ٻي ٽوڪريءَ ۾ اهڙا تہ خراب انجير هئا جو کائڻ جهڙا بلڪل نہ هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ عمدا انجير هئا، انهن انجيرن جهڙا جي پهرين پچندا آهن: ۽ ٻيءَ ٽوڪريءَ ۾ خراب انجير هئا، جي اهڙا خراب هئا جو کائڻ جي لائق ئي نہ هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 24:2
11 Iomraidhean Croise  

آءٌ پنهنجي انگورن جي باغ لاءِ وڌيڪ ڇا ٿي ڪري سگھيس جيڪو مون نہ ڪيو؟ هاڻي جڏهن آءٌ عمدن انگورن جي انتظار ۾ هئس تہ باغ ۾ هي کٽا انگور ڇو پيدا ٿيا؟


اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ هنن منجھہ جنگ، ڏڪار ۽ وبا موڪليندس ۽ کين اهڙن ڳريل سڙيل انجيرن جهڙو ڪندس، جيڪي کائڻ جي لائق نہ هوندا آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.


حيف آهي منهنجي حال تي! ڇاڪاڻ تہ آءٌ ميڪاہ اهڙي بکايل وانگر آهيان، جيڪو گرميءَ جا ميوا پٽجي وڃڻ، يا انگور چونڊجي وڃڻ کان پوءِ انهن ميون جو بکايل رهي ٿو. هائو، هن جي کائڻ لاءِ نہ ڪو انگورن جو ڇڳو بچيو آهي، ۽ نہ ئي پهريان پڪل دل کي وڻندڙ انجير ئي آهن.


تنهنجا سڀيئي قلعا انجيرن جي انهن وڻن وانگر آهن، جن ۾ سڀ پڪل انجير هجن، ۽ جڏهن انهن وڻن کي لوڏيو وڃي تہ انهن جا انجير کائيندڙن جي وات ۾ اچي ڪرن.


انهن جي زمين ۾ هر قسم جا پهريان پڪل ميوا جيڪي اُهي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي تنهنجا ٿيندا. تنهنجي گھر جو هر اُهو ڀاتي جيڪو پاڪ هجي سو ڀلي اُهي کائي.


”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan