يرمياہ 24:10 - Muslim Sindhi Bible10 آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“ Faic an caibideilSindhi Bible10 ۽ آءٌ انهن ۾ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض موڪليندس، جيسين ڪہ جيڪا زمين مون هنن کي ۽ هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن مان هو کپي چٽ ٿي وڃن. Faic an caibideil |
جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي، سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي، سي جنگ ۾ وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي، سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن، ۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي، سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘
تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي.