Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 23:34 - Muslim Sindhi Bible

34-36 هاڻ مون خداوند جو حڪم آهي تہ انهن مان ڪوبہ نبي سڏائيندڙ، ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا لفظ هرگز استعمال نہ ڪري. جيڪڏهن ڪو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا اهي لفظ چوندو تہ هن لاءِ اهو سزا جو بار ٿي پوندو. هائو، آءٌ انهيءَ شخص ۽ سندس گھراڻي کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي لفظن کي ’خدائي پيغام جو بار‘ چئي پنهنجي قادرِمطلق خداوند جيئري خدا جي فرمان کي ٽوڙيو مروڙيو ڇڏي. سو جيڪڏهن ڪو خداوند جي پيغام کي ڳولڻ چاهي ٿو تہ هو اهي لفظ استعمال نہ ڪري، بلڪ هاڻ انهن مان هر ڪو هڪٻئي کان هن طرح پڇي تہ ’خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟‘ يا ’خداوند ڇا ٿو فرمائي؟‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

34 جيڪو نبي يا ڪاهن، يا قوم مان چوندو تہ خداوند جو ڪلام، تنهن ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي کي آءٌ سزا ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 23:34
4 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو کي، تنهنجي اولاد کي ۽ تنهنجي عملدارن کي اوهان جي ڪيل بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس. آءٌ اوهان تي، يروشلم جي رهاڪن تي، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي هر اها مصيبت آڻيندس جنهن جي آڻڻ بابت مون اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي آهي.‘“


تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.


هي القوش ڳوٺ جي رهاڪو ناحوم جي ڏٺل رويا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نينواہ شهر بابت پيغام ڏنل آهي.


اڃا بہ جيڪڏهن ڪو منهنجي نالي سان ڪوڙو پيغام ڏيندو، تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ جن کيس ڄڻيو آهي، سي پاڻ سندس موت جي فتويٰ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سو جڏهن هو پيغام ٻڌائيندو تڏهن سندس پنهنجا ماءُ پيءُ ئي کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan