Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 23:33 - Muslim Sindhi Bible

33 پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن منهنجي قوم مان ڪو نبي سڏائيندڙ، ڪو ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو تو کان پڇي تہ ’اسان تي خدائي پيغام جو ڪهڙو بار رکيو ويو آهي؟‘ تڏهن تون کين چئج تہ ’اوهين تہ پاڻ خدا تي بار آهيو، جنهن کي هو لاهي ڦٽو ڪندو.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

33 ۽ جيڪڏهن اها قوم، يا اُهو نبي، يا ڪو ڪاهن تو کان پڇي ۽ چوي تہ خداوند جو ڪلام ڪهڙو آهي؟ تہ تون انهن کي چئج تہ ڪهڙو ڪلام؟ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي اُڇلائي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 23:33
19 Iomraidhean Croise  

سو خداوند چيو تہ ”جيئن مون اسرائيل وارن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو، تيئن يهوداہ وارن کي بہ ڪڍي ڇڏيندس. هي شهر يروشلم جنهن کي مون چونڊيو هو ۽ هيءَ هيڪل جنهن بابت مون چيو هو تہ انهيءَ تي منهنجو نالو رکيو ويندو، تن ٻنهي کي آءٌ ڌڪاري ڇڏيندس.“


تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو.


جنهن سال بادشاهہ آخز وفات ڪئي، تنهن سال خداوند فلستين لاءِ هي پيغام ڏنو تہ


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون يهوداہ وارن کي ڇڏي ڏنو آهي، هائو، پنهنجي چونڊيل قوم کي وساري ڇڏيو اٿم. مون پنهنجي پياري قوم کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.


ڏس، يهوداہ جا ماڻهو مون کي چون ٿا تہ ”اي يرمياہ! تون خداوند جون جيڪي ڌمڪيون اسان کي ٻڌائيندو هئين، سي پوريون ڇو نہ ٿيون ٿين؟“


ماڻهو هنن کي کوٽو سڪو ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کين رد ڪري ڇڏيو آهي.“


آءٌ اوهان کي ائين پنهنجي حضور مان ڪڍي اڇلائيندس، جيئن مون اوهان جي هم‌قوم بني افرائيم کي اڇلائي ڇڏيو هو.“


خداوند مون کي فرمايو تہ


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


هي القوش ڳوٺ جي رهاڪو ناحوم جي ڏٺل رويا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نينواہ شهر بابت پيغام ڏنل آهي.


هي حبقُوق نبيءَ جي ڏٺل رويا جو بيان آهي.


هي خداوند جو پيغام آهي. خداوند، جيڪو نہ رڳو بني اسرائيل کي، بلڪ پوري بني آدم کي نظر ۾ رکي ٿو، سو حدراڪ ملڪ توڙي دمشق شهر کي سزا ٻڌائي ٿو.


هي پيغام خدواند جي طرفان، ملاڪي نبيءَ جي معرفت بني اسرائيل ڏانهن آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan