Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 23:28 - Muslim Sindhi Bible

28 جنهن وٽ خواب آهن سو پنهنجي خوابن کي منهنجو پيغام نہ چوي، پر جنهن وٽ منهنجو پيغام آهي سو ايمانداريءَ سان منهنجو ٻڌايل پيغام ئي بيان ڪري. ڀلا اناج جي ڀيٽ ۾ بُهہ جي ڪهڙي اهميت آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

28 خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن نبيءَ ڪو خواب ڏٺو هجي سو ڀلي تہ خواب ٻڌائي؛ ۽ جنهن وٽ منهنجو ڪلام هجي سو ڀلي تہ ايمانداريءَ سان منهنجو ڪلام ٻڌائي، ڪڻڪ جو بهہ سان ڪهڙو واسطو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 23:28
15 Iomraidhean Croise  

تنهن تي ميڪاياہ چيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو ئي آءٌ چوندس.“


پر اخي‌اب ميڪاياہ کي چيو تہ ”ڪيترا ڀيرا آءٌ تو کي قسم ڏيان تہ خداوند جي نالي تي مون کي بلڪل سچ ٻڌاءِ؟“


ايماندار شاهد سچ ٿو ڳالهائي، مگر بي‌ايمان شاهد ڪوڙ ئي ڪوڙ ٿو ڳالهائي.


اي منهنجي مظلوم قوم بني اسرائيل! بيشڪ اوهين ڪڻڪ جي فصل وانگر ڳاهيا ويا آهيو. پر هاڻي اوهان جي لاءِ هڪڙي خوشخبري آهي، جيڪا قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان مون ٻڌي آهي.


منهنجي نالي ۾ هو جيڪو ڪوڙو پيغام ڏين ٿا سو مون ٻڌو آهي. هنن مان هر ڪو چوي ٿو تہ ’مون کي خواب ۾ خدا جو پيغام مليو آهي! مون کي رويا ملي آهي!‘


مون کين وراڻيو تہ ”مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي. آءٌ پڪ ئي پڪ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرندس، جيئن اوهان عرض ڪيو آهي. آءٌ اوهان کي اهو سڀ ٻڌائيندس، جيڪي خداوند اوهان بابت ٻڌائيندو. آءٌ اوهان کان ڪجھہ بہ نہ لڪائيندس.“


مون خداوند کان پڇيو تہ ”ڇو اهو ملڪ برباد ٿيو ۽ سڪي سڙي اهڙو ٺوٺ ٿي ويو آهي جو ڪوبہ انهيءَ مان نہ ٿو لنگھي؟ ڪهڙو ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو اِها ڳالهہ سمجھي سگھي؟ اُهو ڪير آهي جنهن کي تو خداوند طرفان اها ڳالهہ سمجھائڻ سيکاريو ويو آهي؟“


مون يرمياہ چيو تہ ”اي عورتون! خداوند جي ڳالهہ ٻڌو، سندس لفظن ڏانهن ڌيان ڏيو. اوهين پنهنجين ڌيئرن کي ويڻ ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي واءِ‌ويلا ڪرڻ سيکاريو،


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهن احمق نبي سڏائيندڙن لاءِ! جيڪي پنهنجيءَ دل جي پيروي ڪن ٿا ۽ ڪابہ رويا ڪين ڏٺي اٿائون.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟


خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ديانتدار هجي.


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت خدا جي پيغام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا کي حاضر ڄاڻيندي خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan