يرمياہ 23:26 - Muslim Sindhi Bible26 اهي نبي سڏائيندڙ ڪيستائين منهنجي قوم کي انهن ڪوڙين ڳالهين سان گمراهہ ڪندا رهندا، جيڪي پنهنجي دل مان گھڙيون اٿائون؟ Faic an caibideilSindhi Bible26 جيڪي نبي ڪوڙيون پيشنگوئيون ٿا ڪن تن جي دل ۾ ڪيستائين اهي رهنديون؛ يعني جي پنهنجي دل جي ٺڳيءَ جا نبي آهن. Faic an caibideil |
اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.