يرمياہ 23:24 - Muslim Sindhi Bible24 هائو، آءٌ آسمان ۾ توڙي زمين تي هر هنڌ موجود آهيان، تہ پوءِ ڇا ڪو انسان پاڻ کي ڪنهن اهڙي ڳجھي هنڌ لڪائي سگھي ٿو جتي آءٌ کيس ڏسي نہ سگھان؟ Faic an caibideilSindhi Bible24 خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟ Faic an caibideil |
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بيانصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.