يرمياہ 23:22 - Muslim Sindhi Bible22 جيڪڏهن هو منهنجي بارگاهہ ۾ اچي منهنجي ڳالهين کي ڄاڻين ها، تہ جيڪر منهنجو ئي پيغام منهنجي قوم کي پهچائين ها، ۽ انهن کان خراب رستو ۽ سندن برا ڪم ڇڏرائي ڇڏين ها.“ Faic an caibideilSindhi Bible22 پر جي هو منهنجي صلاح مصلحت ۾ قائم رهن ها تہ جيڪر منهنجي قوم کي منهنجو ڪلام ٻڌائين ها، ۽ انهن کي خراب رستي کان ۽ سندن ڪمن جي خرابيءَ کان موٽائين ها. Faic an caibideil |
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.