Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 23:18 - Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ يرمياہ چوان ٿو تہ هنن نبي سڏائيندڙن مان ڪوبہ خداوند جي بارگاهہ ۾ نہ ويو آهي جو سندس ڳجھي مصلحت کي سمجھي سگھي، نڪي هنن مان ڪنهن کيس ڳالهائيندي ٻڌو آهي تان‌تہ وٽانئس ڪو پيغام حاصل ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو ڪير خداوند جي صلاح مصلحت ۾ قائم رهيو آهي تہ ان جو ڪلام معلوم ڪري ٻڌي؟ ۽ ڪنهن منهنجي ڪلام ڏي ڌيان ڏنو ۽ اُهو ٻڌو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 23:18
11 Iomraidhean Croise  

تڏهن نبي سڏايندڙن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ ويجھو اچي ميڪاياہ کي چماٽ هنئي ۽ کانئس پڇيو تہ ”خداوند جو روح مون مان ڪيئن نڪري تو سان ڳالهائڻ لاءِ آيو؟“


تڏهن نبي سڏايندڙن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ ويجھو اچي ميڪاياہ کي چماٽ هڻي ڪڍي ۽ چيائينس تہ ”خداوند جو روح مون مان نڪري ڪيئن تو سان ڳالهائڻ اچي پهتو؟“


پر مون جهڙي ادنيٰ انسان کي ڪهڙي طاقت آهي، جو خدا کي اهو سيکاري سگھان؟ جڏهن تہ خدا انهن جي بہ عدالت ڪري ٿو جيڪي اعليٰ آهن.


تنهنڪري اي ايوب! چڱيءَ طرح ڌيان ڏيئي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، هائو، خاموشيءَ سان منهنجي ڳالهہ ٻڌ.


اي خداوند! جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، تن کي تون پنهنجي راز ۾ شامل ٿو ڪرين، ۽ انهن سان ٻڌل پنهنجو عهد پورو ڪرين ٿو.


جيڪڏهن هو منهنجي بارگاهہ ۾ اچي منهنجي ڳالهين کي ڄاڻين ها، تہ جيڪر منهنجو ئي پيغام منهنجي قوم کي پهچائين ها، ۽ انهن کان خراب رستو ۽ سندن برا ڪم ڇڏرائي ڇڏين ها.“


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين غلام آهيو، ڇاڪاڻ تہ غلام کي خبر نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڪنهن خداوند جي عقل کي سمجھيو آهي، جو کيس صلاح ڏيئي سگھي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جو عقل مليل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan