Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 23:16 - Muslim Sindhi Bible

16 سو قادرِمطلق خداوند يروشلم وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي نبي سڏائيندڙ اوهان جي اڳيان پيغام ڏين ٿا تن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اهي اوهان کي ڪوڙين اميدن سان ڀرپور ڪن ٿا. اهي مون خداوند جون چيل ڳالهيون نہ، بلڪ پنهنجي دل جا خيال وَ خواب ئي اوهان کي ٻڌائين ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي اوهان وٽ نبوت ڪن ٿا تن جي ڳالهين ڏي ڪن نہ ڏيو؛ اُهي اوهان کي باطل ڳالهيون سيکارين ٿا؛ هو پنهنجي دل جا خيال خواب ٻڌائين ٿا، نہ جيڪي خداوند جي وات مان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 23:16
26 Iomraidhean Croise  

انهن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ لوهہ جا سڱ ٺاهيا ۽ اخي‌اب کي چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’هنن سان توهين ارامين کي اهڙو تہ ٽڪر هڻندا جو اهي مڪمل طور ناس ٿي ويندا.‘“


هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آس‌پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب چار سؤ نبي سڏائيندڙن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات شهر ڏانهن وڃون يا نہ؟“ هنن وراڻيس تہ ”اوهين ڀلي چڙهائي ڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خدا بادشاهہ سلامت کي انهيءَ تي فتح بخشيندو.“


اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهان نصيحت وٺڻ ڇڏي ڏني، تہ جيڪا اوهان اڳ ۾ حاصل ڪئي آهي، تنهن کان بہ گمراهہ ٿي ويندا.


تڏهن خداوند مون کي وراڻي ڏني تہ ”اهي نبي سڏائيندڙ منهنجي نالي تي ڪوڙو پيغام ڏين ٿا. مون انهن کي نڪي موڪليو آهي، نڪي کين ڪو حڪم ڏنو اٿم ۽ نہ وري مون ساڻن ڳالهايو ئي آهي. اهي ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون، ڪوڙيون فالون ۽ پنهنجيون ٺڳيءَ سان ٺاهيل ڳالهيون ٿا ٻڌائين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جي ابن ڏاڏن مون وٽ ڪهڙي ڪمي ڏٺي هئي، جو هو مون کان ڦري ويا؟ هو بيڪار بتن جي پوڄا ڪري پاڻ بہ بيڪار بڻيا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون انهن نبي سڏائيندڙن کي نہ موڪليو آهي، بلڪ مون تہ ساڻن ڳالهايو ئي ناهي، تہ بہ هو پنهنجن ذاتي پيغامن کي منهنجي نالي سان ڊوڙيو پيا پهچائين.


اهي نبي سڏائيندڙ ڪيستائين منهنجي قوم کي انهن ڪوڙين ڳالهين سان گمراهہ ڪندا رهندا، جيڪي پنهنجي دل مان گھڙيون اٿائون؟


انهيءَ سبب جو هنن مون کي ڪاوڙائڻ جهڙا ڪم ڪيا، يعني ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري ڪيائون ۽ منهنجي نالي تي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيائون جيڪي مون کين نہ چيون هيون. مون کي اها سڄي خبر آهي ۽ آءٌ خداوند پاڻ ان جو گواهہ آهيان.‘“


آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ ڪري ائين چوان ٿو تہ جيئن اوهين پاڻ منجھہ رهندڙ نبي سڏائيندڙن ۽ غيب دانن کان نہ ٺڳجو. جلدي وطن واپس موٽڻ وارين سندن اڳڪٿين ۽ خوابن کي اوهين قبول نہ ڪجو.


مون خداوند کان پڇيو تہ ”ڇو اهو ملڪ برباد ٿيو ۽ سڪي سڙي اهڙو ٺوٺ ٿي ويو آهي جو ڪوبہ انهيءَ مان نہ ٿو لنگھي؟ ڪهڙو ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو اِها ڳالهہ سمجھي سگھي؟ اُهو ڪير آهي جنهن کي تو خداوند طرفان اها ڳالهہ سمجھائڻ سيکاريو ويو آهي؟“


مون يرمياہ چيو تہ ”اي عورتون! خداوند جي ڳالهہ ٻڌو، سندس لفظن ڏانهن ڌيان ڏيو. اوهين پنهنجين ڌيئرن کي ويڻ ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي واءِ‌ويلا ڪرڻ سيکاريو،


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


هائو، بني اسرائيل جا اهي سڀ نبي سڏائيندڙ جيڪي يروشلم جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪندا هئا ۽ ان جي خير وَ سلامتيءَ جون ڪوڙيون رويائون ٻڌائيندا هئا، جيتوڻيڪ سلامتي تہ هئي ئي ڪونہ.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


تنهنڪري هاڻي اوهين وڌيڪ ڪوڙيون رويائون ڪڏهن بہ نہ ٻڌائي سگھنديون، نڪي گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿيون ئي ڪري سگھنديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهن احمق نبي سڏائيندڙن لاءِ! جيڪي پنهنجيءَ دل جي پيروي ڪن ٿا ۽ ڪابہ رويا ڪين ڏٺي اٿائون.


سندن رويائون ڪوڙيون آهن ۽ سندن غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ اهي مون خداوند جو پيغام ٿا ٻڌائين، جڏهن تہ مون هنن کي موڪليو ئي ڪونهي. پوءِ بہ هو بني اسرائيل کي اهو آسرو ٿا ڏين تہ آءٌ سندن ڳالهہ پوري ڪندس.


بني اسرائيل جا نبي سڏائيندڙ ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون ٻڌائي اڳواڻن جي گناهن کي گاري جي ليپي جيان ٿا ڍڪين. انهن جي غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي جڏهن اهي چون ٿا تہ ’اهو خداوند خدا جو پيغام آهي،‘ جڏهن تہ مون ساڻن ڪجھہ ڳالهايو ئي ڪونهي.


هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا، جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ ”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“


”انهن نبي سڏائيندڙن کان هوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.


پر هنن خدا کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


اي عزيزؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو خدا جي پاڪ روح طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن يقين نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن خدا جو روح آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan