يرمياہ 23:14 - Muslim Sindhi Bible14 يروشلم جي نبي سڏائيندڙن ۾ مون وري انهن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي جو هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙ تي ٿا گذر ڪن. هو بدڪارن جا هٿ مضبوط ٿا ڪن، تان جو ڪوبہ پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي. سو سڀيئي يروشلم وارا منهنجي نظر ۾ سدوم ۽ عموراہ جي بدڪارن جهڙا آهن. Faic an caibideilSindhi Bible14 يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن. Faic an caibideil |
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بيحرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.