يرمياہ 23:13 - Muslim Sindhi Bible13 مون سامريہ جي نبي سڏائيندڙن ۾ اهو گناهہ ڏٺو آهي جو هنن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏيئي منهنجي قوم بني اسرائيل کي گمراهہ ڪيو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible13 ۽ مون سامريہ جي نبين ۾ بيوقوفي ڏٺي آهي؛ هنن بعل جي لاءِ نبوت ڪئي آهي ۽ منهنجي قوم اسرائيل کي گمراهہ ڪيو اٿن. Faic an caibideil |
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“