Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 22:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 22:3
49 Iomraidhean Croise  

بني اسرائيل جو خدا جيڪو اسان جو محافظ آهي، تنهن مون کي هي فرمايو آهي تہ ’جيڪو بادشاهہ سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، ۽ مون خدا کان ڊڄندي بادشاهي ڪري ٿو،


خاص طور منسيءَ بي‌گناهن جو ايترو تہ رت وهايو جو هن يروشلم کي رت سان ڀري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند کيس معافي ڏيڻ نہ ٿي گھري.


تو رنن‌زالن کي خالي هٿين ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ يتيمن کي لٽي ڦري ڪنگال ڪري ڇڏيو اٿيئي.


يتيم کي سندس ماءُ جي ڇاتيءَ کان ڇني ڌار ڪيو ٿو وڃي، ۽ قرض جي واپسيءَ تائين، انهيءَ ٻار کي قبضي ۾ رکيو ٿو وڃي.


خدا، جيڪو پنهنجيءَ پاڪ جاءِ اندر رهي ٿو، سو يتيمن جو پيءُ ۽ رنن‌زالن جو ڀرجھلو آهي.


اوهين مسڪينن ۽ محتاجن کي بچائي وٺو، ۽ بدڪارن جي هٿن مان کين آزاد ڪرايو.


اهي سچارن جي جان وٺڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا، ۽ انهن بي‌گناهہ ماڻهن تي قتل جي فتويٰ ڏين ٿا.


اهي رنن‌زالن ۽ يتيمن کي قتل ڪندا ٿا رهن، ۽ انهن ۾ رهندڙ ڌارين کي ڪهندا ٿا وتن.


اوهين ڪنهن ڌارئي کي نہ ستائجو، نڪي انهيءَ تي ڪو ظلم ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.


اوهين ڪنهن رن‌زال يا يتيم کي نہ ڏکوئجو.


موروثي زمينن جي حدن جي نشانن کي هيڏي هوڏي نہ سوريو، نڪي يتيمن جي ٻنيءَ سان هٿ چراند ڪريو.


مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، بي‌گناهن جو رت وهائيندڙ هٿ،


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو. جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو، ۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو.


انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.


”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن کي عملدارن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا نہ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.“


هو ٿلها متارا ۽ چوکا ٿي پيا آهن. سندن شرارت وارن ڪمن جي تہ حد ئي ڪانهي. هو نڪي يتيمن سان انصاف ڪن ٿا، نہ وري غريبن جي حقن جو تحفظ ڪن ٿا.


پر مون کين اهو حڪم ڏنو هو تہ ’منهنجي فرمانبرداري ڪريو تہ آءٌ اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا. جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان، تنهن تي هلو تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي.‘


پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو، ۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت، انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو، بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“


هو اهو بہ ڏسي ٿو تہ عدالت ۾ انصاف کي بگاڙيو ٿو وڃي.


مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ


هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.


تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ستايو ٿو وڃي.


خداوند خدا فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! اوهين گھڻا گناهہ ڪري چڪا آهيو. هاڻي اوهين ظلم ۽ ڦرلُٽ ڇڏي ڏيو ۽ عدل وَ انصاف ڪريو. اوهين منهنجي قوم کي وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن مان نڪرڻ تي مجبور نہ ڪريو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بي‌گناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“


اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي‌انصافي نہ ڪجو، نہ تہ ڪنهن غريب جي پاسخاطري ڪجو، نہ وري ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو لحاظ ڪجو، بلڪ پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪجو.


بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو، ۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو. ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي.


انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر، ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو.


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين خدا جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، رحم ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها.


هو يتيمن ۽ رنن‌زالن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. هو اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان پيار ٿو ڪري ۽ کين کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي.


اوهين ڪنهن يتيم يا پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق نہ ڪجو، نڪي ڪنهن رن‌زال جا ڪپڙا گروي رکجو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو جھيڙو جھڳڙو ٿئي تہ اهي عدالت ۾ اچن ۽ جج انهن جو انصاف ڪن. ججن کي گھرجي تہ هو سچار کي بي‌گناهہ قرار ڏين ۽ گنهگار کي سزا ڏين.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو يتيم، رن‌زال يا اسان وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan