Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 22:27 - Muslim Sindhi Bible

27 اوهين پنهنجي وطن ڏانهن موٽڻ چاهيندا پر ڪڏهن بہ موٽي نہ سگھندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

27 پر هو انهي ملڪ ۾ نہ موٽندا جتي موٽڻ لاءِ هنن جو روح خواهش ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 22:27
11 Iomraidhean Croise  

اي پروردگار! پنهنجي هن ٻانهي کي خوشي عطا ڪر، آءٌ پنهنجي بچاءَ لاءِ التجائون تو آڏو ئي ٿو رکان.


اي يهوداہ وارؤ! اوهين مري ويل بادشاهہ يوسياہ جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪريو، بلڪ سندس پٽ يهوآخز جي لاءِ زاروزار روئو، جيڪو جلاوطن ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري موٽي پنهنجو وطن نہ ڏسندو.


يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ يهوآخز سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو، پر هو قيد ٿي ٻئي ملڪ ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو، تنهن جي باري ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن موٽي ڪونہ ايندو.


پر جيڏانهن کيس قيد ڪري وٺي ويا آهن اتي ئي مري کپي ويندو. هو وري هي ملڪ نہ ڏسندو.“


تون ۽ تنهنجي ماءُ يهوداہ ۾ ڄاوا هئا، پر آءٌ اوهان ٻنهي کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اڇلائي ٿو ڇڏيان، جتي اوهين مري کپي ويندا.


ماڻهو چون ٿا تہ ”ڇا اسان جو بادشاهہ يهوياڪين هڪ بيڪار ڀڳل ٿانوَ مثل آهي يا هڪ اهڙي ٿانوَ مثل آهي جنهن جي ڪنهن کي بہ گھرج ناهي؟ هن کي ۽ سندس اولاد کي ڪهڙي سبب هڪ اهڙي ملڪ ۾ اڇلايو ٿو وڃي جنهن بابت هي ڪجھہ بہ نہ ٿا ڄاڻن؟“


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪيل يهوداہ جي ٻين سڀني ماڻهن سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘


اوهان مان ڪوبہ نہ بچندو جيڪو مصر کان موٽي اچي يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي، جتي رهڻ جا اوهين خواهشمند آهيو. اوهان ڀاڄوڪڙن مان ڪن ٿورڙن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan