Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 22:23 - Muslim Sindhi Bible

23 اي اوهين! جيڪي لبنان جي ديال وارين عمارتن ۾ ٿا گذاريو، جڏهن اوهان کي ڏک ۽ تڪليفون اچي ورائينديون، تڏهن اوهين ويم جي سورن واري عورت جيان روئندا رڙندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 اي لبنان جا رهاڪو، تون جو ديودارن ۾ پنهنجو آکيرو ٿو جوڙين، جڏهن تو تي ويم واريءَ زال جهڙا سور ايندا، تڏهن توتي ڪيترو نہ گهڻو افسوس ٿيندو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 22:23
18 Iomraidhean Croise  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.


خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي محل جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ اهو محل جِلعاد جي ٻيلن جيان عاليشان، ۽ لبنان جي جبلن وانگر مضبوط آهي، تہ بہ آءٌ يقيناً انهيءَ کي اهڙو بڻائي ڇڏيندس، جهڙو بيابان يا ڪو اجڙيل شهر.


جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


اي موآب جا رهاڪؤ! شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪرن منجھہ رهو. هائو، انهيءَ ڪبوتر جيان پنهنجي حفاظت ڪريو، جيڪو غار واري پناهہ‌گاهہ ۾ پنهنجو آکيرو ٺاهيندو آهي.


اوهين مغروريءَ وچان اهو سمجھي پاڻ کي ٺڳيو ٿا تہ ٻين قومن وارا اوهان کان ڊڄن ٿا. هائو، اوهين جيڪي ٽڪرن جي چرن ۾ رهو ٿا، ۽ ٽڪرن جي چوٽين تي قبضا ڪري پاڻ کي محفوظ ٿا سمجھو. پر جيتوڻيڪ اوهين عقاب جيان گھڻو مٿي رهو ٿا، تہ بہ خداوند اوهان کي اتان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


يروشلم وارا چون ٿا تہ ”اسان هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري اسان جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا آهن. اسان کي ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو آهي.


کين مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ هڪڙو وڏو عقاب، جنهن کي وڏا پر ۽ ڊگھيون کنڀڙاٽيون هيون، سو پنهنجي خوبصورت کنڀن سان اڏامندو لبنان جي جبلن تي آيو، ۽ ديال جي وڻ جي چوٽيءَ واري ٽاري ڀڃي ڇڏيائين.


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


هو مون کي دل سان نہ ٿا پڪارين، بلڪ بتن آڏو بہ روئن رڙن ٿا، اناج ۽ مئي جي لاءِ بتن کان دعا گھرندي هو پنهنجي بدن کي زخم بہ رسائين ٿا. هائو، اهي مون کان صفا باغي ٿي ويا آهن.


جيڪڏهن هو هيٺ پاتال ۾ بہ لهي ويندا تڏهن بہ منهنجو هٿ کين اتان ڪڍي وٺندو. جيڪڏهن هو مٿي آسمان تي بہ چڙهي ويندا تڏهن بہ آءٌ کين اتان هيٺ لاهي آڻيندس.


توڙي جو تون عقاب وانگر تمام بلندين تي ٿي اُڏامين، ۽ پنهنجو آکيرو تارن منجھہ ٺاهيو اٿيئي، تڏهن بہ آءٌ خداوند تو کي اتان ڪيرائي هيٺ اڇلائي ڇڏيندس.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ناجائز ڪمائيءَ سان پنهنجا گھر ٿا ڀريو، ۽ پنهنجا آکيرا تمام اوچي هنڌ ٿا اڏيو، تہ جيئن مصيبت جي چنبي کان بچي سگھو.


پوءِ بلعام کي رويا ۾ قيني قوم نظر آئي، تڏهن هو پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”اي قينيؤ! اوهان جي رهڻ واري جاءِ مضبوط آهي، اوهان جو گھر آکيري جيان ٽڪر تي محفوظ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan