يرمياہ 22:21 - Muslim Sindhi Bible21 جڏهن اوهين پوريءَ طرح خوشحال هئا، تڏهن مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي. شروعات کان ئي اوهان جي اها عادت رهي آهي، جو اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي. Faic an caibideilSindhi Bible21 تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين. Faic an caibideil |
اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻپٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”موآب وارا پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي امن وَ سلامتيءَ سان رهيا آهن، اهي ڪڏهن بہ جلاوطن نہ ڪيا ويا آهن. هائو، موآب وارا مئي جي اهڙي پيالي مثل آهن، جنهن ۾ ڪا هلچل نہ اچڻ ڪري ان جي مئي آٺرجي صاف ٿي وڃي. اها هڪڙي ٿانو مان ٻئي ٿانو ۾ ڪڏهن بہ نہ اوتي ويئي آهي، جنهن سبب هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي خوشبوءِ نہ بدلي آهي.
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.
پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.