Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 22:19 - Muslim Sindhi Bible

19 بلڪ هن کي اهڙيءَ طرح دفن ڪيو ويندو، جيئن مئل گڏهہ کي يروشلم جي دروازن مان گهِلي ٻاهر کڏ ۾ اڇلايو وڃي ٿو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 هو گڏهہ وانگي دفن ڪيو ويندو ۽ يروشلم جي دروازن مان گهلي اُڇلايو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 22:19
13 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري آءٌ تنهنجي گھراڻي تي مصيبت آڻيندس ۽ تنهنجو سڀ نرينہ اولاد ماري ڇڏيندس، توڙي جو اهو غلام هجي يا آزاد. آءٌ تنهنجي نسل کي ڇيڻي وانگر ساڙي ڇڏيندس، ايستائين جو اهي سڙي رک ٿي وڃن.


جڏهن يهويقيم بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو زبودہ هو، جيڪا رومہ شهر جي رهاڪو فداياہ جي ڌيءَ هئي.


يهويقيم وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. پوءِ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ ٿي بادشاهہ بڻيو.


پر جڏهن هو کيس دفن ڪرڻ لاءِ ويا تڏهن کين هن جي کوپڙي، هٿن ۽ پيرن کان سواءِ ٻيو ڪي‌بہ هٿ ڪين آيو.


تڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر مٿس ڪاهہ ڪري آيو ۽ کيس بابل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ زنجيرن سان ٻڌائينس.


مثال طور ڪو ماڻهو وڏيءَ ڄمار تائين جيئرو رهي ۽ کيس سؤ ٻار کڻي ڄمن. پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ ڊگھي حياتيءَ ۾ بہ خوشين کان محروم رهي ۽ مرڻ بعد کيس اها عزت نہ ملي جو دفن ڪيو وڃي، تڏهن آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کان تہ مئل ڄاول ٻار وڌيڪ بهتر آهي.


آءٌ خداوند کين چئن مختلف قسمن جون سزائون ڏيندس. هو جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن لاشن کي ڪتا چيريندا ڦاڙيندا، سندن ماس ڳجھون پيون کائينديون ۽ سندن هڏا جھنگلي جانور چٻاڙي ناس ڪري ڇڏيندا.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند تو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بابت چوان ٿو تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ تو وٽ ڪوبہ ڪونہ رهندو. تنهنجو لاش ٻاهر ڪڍي اڇلايو ويندو، جيڪو ڏينهن جو اُس ۾ تہ رات جو پاري ۾ پيو هوندو.


تنهنڪري خداوند جون ڳالهيون جيڪي مون تو کي لکرايون آهن سي تون خداوند جي هيڪل ۾ وڃي روزي واري ڏينهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پڙهي ٻڌاءِ، جو خداوند جي گھر ۾ موجود مقامي ماڻهو توڙي يهوداہ جي مختلف شهرن کان آيل ماڻهو بہ چڱيءَ طرح ٻڌي سگھن.


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


تڏهن قومون انهيءَ کي مارڻ لاءِ گڏ ٿيڻ لڳيون. هائو، هر طرف کان ماڻهو اچي گڏ ٿيا. هنن پنهنجا شڪاري ڄار مٿس اڇلايا، ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan