Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 22:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هن غريبن ۽ محتاجن جو طرف کڻي پنهنجي لاءِ ڀلو ڪيو. اهو ئي تہ خداوند کي سڃاڻڻ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 هن غريب ۽ مسڪين جو معاملو فيصل ٿي ڪيو؛ تڏهن ان جو چڱو حال ٿي ٿيو. خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو مون کي سڃاڻڻ نہ هو ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 22:16
25 Iomraidhean Croise  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


ڇاڪاڻ تہ تون مسڪين ماڻهوءَ جو ساڄو هٿ آهين، تان‌تہ کيس انهن کان بچائين، جيڪي سندس موت جون فتوائون ٿا ڏين.


جيڪي تو کي سڃاڻن ٿا تن کي تون پنهنجي شفقت ڏيکار. جيڪي دل جا سچار آهن تن سان پنهنجي وفا قائم رک.


جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين.


خاموش نہ رهجانءِ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪجانءِ، هائو، غريبن ۽ محتاجن جي حقن جو خاص خيال رکجانءِ.


اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رنن‌زالن سان انصاف ڪريو.“


هو ٿلها متارا ۽ چوکا ٿي پيا آهن. سندن شرارت وارن ڪمن جي تہ حد ئي ڪانهي. هو نڪي يتيمن سان انصاف ڪن ٿا، نہ وري غريبن جي حقن جو تحفظ ڪن ٿا.


آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“


پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو، ۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت، انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو، بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ ائين تيار ٿا رکن، جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي. هو سچ جي ذريعي نہ، بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا. هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا ۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پيءُ کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


دنيا مان جيڪي ماڻهو تو مون کي ڏنا آهن، تن تي مون تو کي ظاهر ڪيو آهي. اهي تنهنجا هئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا. انهن تنهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي


تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهين نہ مون کي سڃاڻو ٿا، نڪي منهنجي پيءُ کي. جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها تہ منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها.“


اهي خدا کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن.


خداوند جهڙو ڪو ٻيو پاڪ ڪونهي، نڪي اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو محافظ آهي، هائو، هن کان سواءِ ٻيو ڪو ئي بہ ڪونهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan