Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 22:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اي يهويقيم! پنهنجي ديال واري محل جي ڪري تون پنهنجي پيءُ کان ڪو وڌيڪ بهتر بادشاهہ آهين ڇا؟ ڀلا تنهنجي پيءُ وٽ کاڌي پيتي جي ڪا ڪمي هئي ڇا؟ تنهن هوندي بہ هو هميشہ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندي غريبن سان ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ٿي هليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 تون انهي ڪري بادشاهي ڪندين ڇا جو تون ديودار ۾ ڪسر کڻي ويو آهين؟ جڏهن تنهنجي پيءُ عدل ۽ انصاف ڪري کاڌو پيتو ٿي تڏهن انهي جو چڱو حال ٿي ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 22:15
33 Iomraidhean Croise  

دائود سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي. هو پنهنجي سڄي رعيت سان عدل ۽ انصاف ڪندو هو.


خداوند تنهنجي خدا جي واکاڻ هجي جيڪو تو مان راضي آهي ۽ تو کي بني اسرائيل جي تخت تي ويهاريو اٿائين. جيئن تہ خداوند کي بني اسرائيل سان دائمي پيار آهي تنهنڪري هن تو کي انهن جو بادشاهہ بڻايو آهي تہ جيئن تون انصاف ۽ سچائي قائم رکين.“


هن اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. هو پنهنجي وڏي دائود جي سڀني رستن تي هليو، انهن کان ساڄي يا کاٻي بلڪل نہ لڙيو.


هن کان اڳي ٻيو ڪوبہ بادشاهہ انهيءَ جهڙو ڪونہ ٿيو جيڪو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ۽ پنهنجي مڪمل طاقت سان، موسيٰ جي پوري شريعت موجب خداوند جو طالبو ٿيو هجي، نڪي هن کان پوءِ ئي ڪو هن جهڙو ٿيو.


يوسياہ جا هي چار پٽ هئا: يوحنان، يهويقيم، صدقياہ ۽ يهوآخز.


هن اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. هو پنهنجي وڏي دائود جي سڀني رستن تي هليو ۽ انهن کان ساڄي يا کاٻي بلڪل نہ لڙيو.


انهيءَ هوندي بہ يوسياہ ڪين مڙيو پر ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ پنهنجو ويس مَٽايائين. هن انهيءَ پيغام ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪو نڪوہ خدا جي حڪم سان هن ڏانهن چوائي موڪليو هو، بلڪ هو مجدو ميدان وٽ ساڻس وڙهڻ لاءِ نڪري آيو.


يوسياہ جو باقي احوال ۽ سندس چڱا ڪم جيڪي هن خداوند جي شريعت موجب ڪيا،


خدا جي رحم ۽ وفا جي ڪري بادشاهن جي بادشاهت قائم ٿي رهي، بشرطيڪ انهن کي بہ پاڻ رحمدل هجڻ گھرجي.


سچائي ۽ انصاف خداوند جي نظر ۾ قربانين کان وڌيڪ افضل آهن.


ساڳيءَ طرح بڇڙن صلاحڪارن کي ڪڍي ڇڏڻ سان ئي بادشاهہ انصاف سان حڪومت ڪري سگھندو.


عادل حڪمران پنهنجي ملڪ کي قائم ٿو رکي، مگر جيڪو عوام کان ڳرا ٽيڪس ٿو اُڳاڙي، سو ملڪ کي تباهہ ڪريو ڇڏي.


خاموش نہ رهجانءِ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪجانءِ، هائو، غريبن ۽ محتاجن جي حقن جو خاص خيال رکجانءِ.


پر اها قوم وڏي خوشحال آهي، جنهن جو بادشاهہ خانداني ماڻهو آهي، ۽ جنهن جا اڳواڻ رڳو سگھہ حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب وقت تي کائين پيئن ٿا، نڪي نشي ۾ مست ٿيڻ لاءِ.


پوءِ ڇا اسان انسانن لاءِ اهو بهتر ناهي جو اسين کائون، پيئون ۽ پنهنجي محنت جي ڦل مان پاڻ مزا ماڻيون؟ منهنجو ايمان آهي تہ اهي شيون اسان لاءِ خدا جون نعمتون آهن.


جڏهن تہ سچار ماڻهو ڄاڻي ڇڏين تہ ساڻن ڀلائي ٿيندي، بيشڪ سندن چڱن ڪمن جو کين اجر ملندو.


پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهنڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي دفن ٿيڻ وقت ماڻهو انهيءَ لاءِ هڪٻئي کي هي چئي سوڳ نہ ڪندا تہ ’هاءِ منهنجا ادا! اسان جو بادشاهہ ڇو اسان کي ڇڏي ويو!‘ يا ’هاءِ منهنجي ادي! اسان جي بادشاهہ جو شان وَ شوڪت ڪيڏانهن ويو!‘


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان آءٌ هڪڙي سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس. اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


اهو اسان جي لاءِ ڀلو هجي يا برو، پر اسين خداوند اسان جي خدا، جنهن کان دعا گھرڻ لاءِ اسين اوهان کي عرض ڪري رهيا آهيون تنهن جي فرمانبرداري ڪنداسين، تان‌تہ جڏهن اسين خداوند پنهنجي خدا جي تابعداري ڪريون تہ اسان جو ڀلو ٿئي.“


جيڪڏهن اوهين واقعي پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريندا ۽ هڪٻئي سان انصاف سان هلندا،


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ خيرات ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پاڪ ٿي پوندو.


اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو.


سو اوهين هن جي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪريو، جيڪي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan