Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 22:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ويل آهي ان لاءِ! جيڪو پنهنجو گھر بي‌ايمانيءَ سان ٺهرائي ٿو، ۽ ظلم ڪندي ماڙيون تعمير ٿو ڪرائي، هائو، جيڪو پنهنجي هم‌وطنن کان بيگار جو ڪم وٺي ٿو، ۽ کين مزدوري نہ ٿو ڏئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ويل هجي انهي سان، جو پنهنجو گهر بي انصافيءَ سان ٿو اڏي ۽ پنهنجون ڪوٺيون ظلم سان؛ جو پنهنجي پاڙيسريءَ کان بيگار جو پورهيو وٺي ٿو ۽ اُن کي مزوري نٿو ڏئي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 22:13
16 Iomraidhean Croise  

پوءِ نڪوہ يهوآخز جي ڀاءُ الياقيم کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي بادشاهہ مقرر ڪيو ۽ هن جو نالو مَٽائي يهويقيم رکيائين. پوءِ نڪوہ سندس ڀاءُ يهوآخز کي قيدي بڻائي مصر ملڪ ڏانهن وٺي ويو.


جڏهن يهويقيم کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ برا هئا.


جيڪڏهن مون انهيءَ زمين جو ڪو فصل ڦري کنيو هجي، يا انهيءَ جي ڪڙميءَ کي مون بک ماريو هجي،


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي لالچ وچان گھر سان گھر ۽ ٻنيءَ سان ٻني ملائيندا ٿا وڃو، ايتري تائين جو ڪابہ جاءِ ٻين لاءِ باقي نہ بچي، ۽ ٻيا ماڻهو ملڪ ۾ بي‌گھر ۽ بي‌در ٿي رهن.


جيڪي ماڻهو ناجائز طريقن سان دولت گڏ ڪن ٿا، سي ان تتر وانگر آهن، جيڪو ٻين جي آنن مان ٻچا ڦوڙي ٿو، پر پوءِ اهي ٻچا کيس ڇڏي هليا ٿا وڃن. ساڳيءَ طرح انهن ماڻهن جي هٿ ڪيل دولت بہ سندن اڌ عمر ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ اهي بي‌وقوفن مان ليکبا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهنڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي دفن ٿيڻ وقت ماڻهو انهيءَ لاءِ هڪٻئي کي هي چئي سوڳ نہ ڪندا تہ ’هاءِ منهنجا ادا! اسان جو بادشاهہ ڇو اسان کي ڇڏي ويو!‘ يا ’هاءِ منهنجي ادي! اسان جي بادشاهہ جو شان وَ شوڪت ڪيڏانهن ويو!‘


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.


اوهين خداوند جي شهر يروشلم کي تہ اڏايو ٿا پر انهيءَ اڏاوت ۾ خونريزي ۽ ناانصافي شامل آهي.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي رت وهائي ڳوٺن جو بنياد ٿا وجھو، ۽ ڏوهہ ڪندي شهر ٿا اڏيو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


جڏهن اوهين انهيءَ کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏيو، تڏهن کيس خالي هٿين وڃڻ نہ ڏجو.


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan