1 پوءِ خداوند مون کي يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو، تہ جيئن اتي وڃي
1 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر وڃ ۽ اُتي هي ڳالهہ ٻڌاءِ،
سو خداوند ناتن نبيءَ کي دائود ڏانهن موڪليو. هو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ ”هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو رهندا هئا، جن مان هڪڙو شاهوڪار هو ۽ ٻيو غريب.
خداوند منسيءَ ۽ سندس قوم کي تنبيهہ ڪئي پر هنن انهيءَ ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو.
انهيءَ کان سواءِ يهوداہ جي شاهي گھراڻي بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ
آءٌ اوهان کي اوهان جي عملن مطابق سزا ڏيندس. آءٌ اوهان جي ديال وارن محلن ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جو جيڪي ڪجھہ انهن جي آسپاس آهي سو سڀ بہ سڙي چٽ ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
آءٌ دائود جي تخت تي ويٺل يهوداہ جي بادشاهہ، سندس عملدارن ۽ سندس سڀني درٻارين کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايان تہ
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! ٻڌو، اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين ڌيان ڏيو. اي شاهي گھراڻي وارؤ! اوهين ڪن ڏيو، اوهين جيڪي ٻين جي خلاف فتويٰ جاري ڪريو ٿا، هاڻي اوهان جي خلاف فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي. اوهين مصفاہ ۾ ڦندو وجھي، تبور جبل تي ڄار پکيڙي،
پر هتي بيتايل ۾ وري ڪڏهن بہ اڳڪٿي نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هيءَ بادشاهہ توڙي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي عبادت جي مقدس جاءِ آهي.“
يحيٰ هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي سندس زال هيرودياس سان شادي ڪريو.“