Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 21:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ”جنگ جا جيڪي هٿيار تنهنجي لشڪر جي هٿن ۾ آهن ۽ جن سان اهي ڪوٽ جي ٻاهران گھيرو ڪري ويٺل بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر سان وڙهن ٿا، سي ڦيرائي آءٌ اوهان تي استعمال ڪرائيندس. آءٌ اوهان جا هٿيار هن شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، جيڪي جنگ جا هٿيار اوهان جن هٿن ۾ آهن، ۽ جن سان اوهين بابل جي بادشاهہ سان، ۽ جيڪي ڪسدي ڀتين جي ٻاهران اوهان کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن تن سان ٿا وڙهو، سي آءٌ پٺ تي ڦيرائيندس، ۽ انهن کي هن شهر جي وچ ۾ گڏ ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 21:4
23 Iomraidhean Croise  

ياد رکو، اوهين لڙائيءَ ۾ قتل ڪيا ويندا، ۽ اوهان مان جيڪي بچي ويندا، سي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيا ويندا. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


جبلن تي هڪ وڏي انبوہ جو شور ٻڌو. اهو هڪ وڏي لشڪر جو گوڙ شور آهي، هائو، اهو مختلف ملڪن مان آيل قومن جو هل هنگامو آهي. ڏسو، قادرِمطلق جنگ جي لاءِ اهو لشڪر گڏ ڪري ٿو.


ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هاڻي آءٌ انگورن جي باغ سان ڇا ڪندس. آءٌ انهيءَ جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو چراگاهہ بڻجي ويندو. آءٌ انهيءَ جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اهو لتاڙيو ويندو.


آءٌ تو کي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي دوستن لاءِ خوف جو سبب بڻائيندس. تون پنهنجين اکين سان هنن کي سندن دشمنن جي تلوار سان ڪرندو ڏسندين. آءٌ سڀني يهوداہ وارن کي بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو ڪن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيندو ۽ ڪن کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويندو.


تڏهن مون يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو. سو مون کين خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بادشاهہ صدقياہ کي وڃي ٻڌائڻ لاءِ چيو تہ


ڏس، ڪيئن نہ يروشلم تي قبضي ڪرڻ لاءِ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٺاهيا ويا آهن. جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل شهر بابلين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس حملو ڪري آيا آهن. جيئن تو چيو هو تيئن ٿيڻ وارو آهي، تون پاڻ ئي ڏسي سگھين ٿو.


بادشاهہ صدقياہ مون کي هي چئي قيد ڪرايو هو تہ ”تون منهنجي خلاف خداوند جي نالي جو پيغام ڇو ٿو ٻڌائيندو وتين؟“ انهيءَ سبب جو مون خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ”آءٌ هي يروشلم شهر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو ان تي قبضو ڪري وٺندو.


پوءِ هو صدقياہ کي بابل ڏانهن وٺي ويندو، جتي اهو تيستائين رهندو جيستائين آءٌ هن بابت ڪو فيصلو ڪريان. سو جيڪڏهن صدقياہ بابلين سان وڙهندو بہ تہ ڪامياب نہ ٿيندو.“


جيتوڻيڪ يروشلم وارا بابلين سان وڙهڻ لاءِ نڪتا آهن، تہ بہ سندن گھر ۽ محل سندن ئي لاشن سان ڀرجي ويندا. هائو، انهن کي آءٌ پنهنجي قهر ۽ غضب سان ماري ڇڏيندس. شهر وارن جي تمام گھڻي بڇڙائيءَ جي ڪري مون هن شهر کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.


تنهنڪري ياد رکو، آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي اُهي سڀ مصيبتون آڻڻ وارو آهيان جن جي آڻڻ بابت آءٌ اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مون اوهان سان ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو. مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب نہ ڏنو.“


تڏهن بابل جي بادشاهہ جا سڀ علمدار جن ۾ نيرگل‌سراضر، سمگرنبو، سرسڪيم، ٻيو نيرگل‌سراضر نالي اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا، سي اندر لنگھي آيا ۽ شهر جي وچين دروازي وٽ انتظام سنڀالي ويهي رهيا.


قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏاريون، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون، لوبان‌دان ۽ پتل جا ٻيا سڀ ٿانوَ جيڪي هيڪل جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا سي سڀ پڻ هو کڻي ويا.


پروردگار ايترو تہ شديد غضب ۾ هو، جو هن بني اسرائيل جي سڄيءَ طاقت کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيو. هائو، جڏهن مٿن دشمنن حملو ڪيو، تڏهن هن سندن ڪابہ مدد ڪانہ ڪئي. ڌڻيءَ ڀڙڪندڙ باهہ جيان، بني يعقوب کي چئني پاسن کان ساڙي رک ڪري ڇڏيو.


پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.


پروردگار پنهنجي قربان‌گاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.


پر آءٌ ڌڪ هڻي تنهنجي کاٻي هٿ مان تيرڪمان ۽ ساڄي هٿ مان تير ڪيرائي وجھندس.


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


ياد رکو، انهيءَ ڏينهن خداوند سڀني قومن کي يروشلم وٽ گڏ ڪندو، تان‌تہ اهي اوهان سان جنگ جوٽين. اوهان جي شهر تي قبضو ڪيو ويندو، گھر لٽيا ويندا ۽ عورتن جي بي‌حرمتي ڪئي ويندي. شهر جا اڌ ماڻهو جلاوطن ڪيا ويندا، باقي جيڪي بچيل هوندا سي شهر ۾ ئي رهندا.


تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan