يرمياہ 21:14 - Muslim Sindhi Bible14 آءٌ اوهان کي اوهان جي عملن مطابق سزا ڏيندس. آءٌ اوهان جي ديال وارن محلن ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جو جيڪي ڪجھہ انهن جي آسپاس آهي سو سڀ بہ سڙي چٽ ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ Faic an caibideilSindhi Bible14 خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. Faic an caibideil |
تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بيشمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اُهي ڏينهن اچڻ وارا آهن جڏهن آءٌ هنن سڀني کي سزا ڏيندس، يعني مصر، يهوداہ، ادوم، عمون ۽ موآب وارن کي ۽ بيابان ۾ رهڻ وارن کي جيڪي لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا. اهي سڀ ماڻهو طهريل تہ آهن پر رڳو نالي جا، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. منهنجي عهد کي نڪي انهن قومن ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل قائم ڪيو آهي.“