يرمياہ 21:13 - Muslim Sindhi Bible13 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. Faic an caibideilSindhi Bible13 خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟ Faic an caibideil |
ياد رکو، هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کان حساب وٺندس ۽ پنهنجيون رڍون ٻڪريون ڇڪي موٽائيندس ۽ وري ڪڏهن بہ اوهان کي انهن جو ڌنار ٿيڻ نہ ڏيندس، نڪي اوهين اڳتي انهن مان پنهنجا ڍڍ ڀريندا. هائو، آءٌ اوهان کان پنهنجو ڌڻ ڇڏائي وٺندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي اهي اوهان جي خوراڪ نہ بڻجن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“