يرمياہ 20:4 - Muslim Sindhi Bible4 آءٌ تو کي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي دوستن لاءِ خوف جو سبب بڻائيندس. تون پنهنجين اکين سان هنن کي سندن دشمنن جي تلوار سان ڪرندو ڏسندين. آءٌ سڀني يهوداہ وارن کي بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو ڪن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيندو ۽ ڪن کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويندو. Faic an caibideilSindhi Bible4 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.