Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 20:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن فشحور مون کي زنجيرن مان آزاد ڪرايو، تڏهن مون کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اڄ کان وٺي مون تنهنجو نالو فشحور نہ بلڪ ’خوف ۾ وڪوڙيل‘ رکيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ فشحور يرمياہ کي ڪاٺ مان ڪڍيو. تڏهن يرمياہ هن کي چيو تہ خداوند تنهنجو نالو فشحور نہ رکيو آهي پر مجور مسابيب رکيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 20:3
18 Iomraidhean Croise  

پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”اڳتي تون پنهنجيءَ زال کي سارائي نہ سڏ، هاڻي کان وٺي انهيءَ جو نالو سارہ آهي.


اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر ابراهيم سڏبو، ڇو تہ آءٌ تو کي گھڻين ئي قومن جو پيءُ بڻايان ٿو.


هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


گھڻا ئي دشمن منهنجي خلاف گڏجي سازشون ڪن ٿا، ۽ منهنجي مارڻ لاءِ منصوبا ٿا ٺاهين. آءٌ کين سس پس ڪندي ٻڌان ٿو، سو مون کي هر پاسي کان ڊپ آهي.


ڪجھہ عرصي بعد منهنجي زال پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄڻيائين. تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو ’مهير‌شالال‌حاش‌باز‘ رک.


پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.


سو ڄاڻي ڇڏيو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن ڪوبہ ماڻهو اڳتي هن هنڌ کي ”توفت“ يا ”هنوم ماٿري“ نہ سڏيندو، بلڪ انهيءَ کي ”ڪوس جي ماٿري“ ڪري سڏيو ويندو.


آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“


صفنياہ ڪاهن اهو خط مون يرمياہ کي پڙهي ٻڌايو.


پر آءٌ هي ڇا ٿو ڏسان؟ مصر جي لشڪر وارا تہ خوف ۾ وٺجي ويا آهن، هو پٺ تي هٽي ويا آهن. هنن جا جوڌا جوان شڪست کائي ويا آهن. هو پٺ تي نهارڻ بنا ڀڳا ٿا وڃن. هر طرف ڏهڪاءُ ئي ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.


اسين شهر کان ٻاهر وڃي نہ ٿا سگھون، نڪي رستن تي نڪري ٿا سگھون، ڇاڪاڻ تہ دشمنن جي تلوار ۽ خوف اسان کي هر طرف کان وڪوڙي ڇڏيو آهي.“


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ياد رکو، اُهو ڏينهن اچي رهيو آهي جنهن ڏينهن ماڻهو ان کي آئيندہ ’توفت‘ يا ’هنوم ماٿري‘ نہ سڏيندا پر ’ڪوس جي ماٿري‘ ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ‌‌تہ قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو.


اي خداوند! جڏهن تون ڪاوڙيل هئين، تڏهن تو منهنجي دشمنن کي منهنجي چوڌاري ائين آڻي گڏ ڪيو، جيئن ڪنهن کي دعوت جو سڏ ڏبو آهي. دشمنن منهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. هائو، منهنجي انهن ٻارڙن کي جن کي مون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ بچي نہ سگھيو.“


اوهان جي ڪوڙين رويائن ۽ گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿين جي ڪري آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو آهيان. اوهين منهنجي قوم جي وڏن جي ٽولي ۾ شامل نہ هوندا، نڪي اوهان جا نالا بني اسرائيل جي گھراڻن ۾ ليکيا ويندا ۽ نہ ئي وري ڪڏهن اوهين جلاوطنيءَ کان پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


پوءِ هن کين ٻاهر ڪڍيو ۽ عرض ڪندي چوڻ لڳو تہ ”سائين! آءٌ ڇا ڪريان جو ڇوٽڪارو ملي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan