Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 20:18 - Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ پيدا ئي ڇو ٿيس جو تڪليفون ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا سڀيئي ڏينهن خواريءَ ۾ گذرن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ آءٌ پيٽ مان نڪتس، تہ تڪليف ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن خواريءَ ۾ گذري وڃن؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 20:18
27 Iomraidhean Croise  

پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هليو ويو. اُتي هو لئيءَ جي هڪڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ خدا کان پنهنجي مرڻ جي دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! هاڻي بس، منهنجا ڏينهن پورا ڪر. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر ناهيان جو نہ مران.“


”فاني انسان، جيڪي عورت مان پيدا ٿين ٿا، چند ڏينهن جي زندگي ماڻين ٿا، ۽ ڏک سان ڀريل رهن ٿا.


پر ڪاش! تون مون کي پاتال ۾ لڪائي رکين، ۽ جيستائين تنهنجي ڪاوڙ لهي نہ وڃي، تيستائين مون کي نظرانداز ڪري ڇڏين، ۽ پوءِ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري مون کي ياد فرمائين.


جيڪي مصيبت ۾ آهن تن کان حياتي ڇو نہ ٿي کسي وڃي؟ جيڪي زندگيءَ کان بيزار آهن تن کي اها ڇو ٿي ڏني وڃي؟


پر جهڙيءَ طرح باهہ جون چڻنگون آسمان ڏانهن ئي اڏامنديون آهن، تهڙيءَ طرح انسان بہ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي تڪليف پيدا ڪري ٿو.“


انهيءَ سبب جو منهنجي حياتي دونهين وانگر گم ٿيندي وڃي ٿي. منهنجي هڏين ۾ ڄڻڪ باهہ پيئي ٻري.


تون منهنجي مهڻن، بي‌عزتين ۽ بدناميءَ کان واقف آهين. جيڪي بہ منهنجا دشمن آهن سي سڀ تنهنجي سامهون آهن.


پيرن جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين اوهان جي بدن ۾ ڪا تندرستي ڪانهي، بلڪ رڳو زخم، گھاءَ ۽ رت ڳاڙيندڙ ڦٽ آهن، جن کي نہ زور ڏيئي صاف ڪيو ويو آهي، نہ پٽي ٻڌي ويئي اٿن، ۽ نہ وري مٿن ڪا ملم ئي لڳائي ويئي آهي.


اي اوهين سڀ! جيڪي سچائيءَ واري رستي تي هلڻ ٿا چاهيو، ۽ جن منهنجي تعليم کي دل سان هنڊايو آهي، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو. اوهين ماڻهن جي ملامت کان نہ گھٻرايو، نڪي انهن جي طعنن کان ڊڄو،


ويل آهي مون لاءِ، اي منهنجي امڙ! ڪاش! آءٌ پيدا ئي نہ ٿيان ها. سڄي ملڪ وارن جي نظر ۾ آءٌ جھيڙاڪ ۽ تڪراري بڻيو آهيان. آءٌ نہ ڪنهن کان ڪجھہ وٺان نہ ڪنهن کي ڪجھہ ڏيان، تنهن هوندي بہ هر ڪنهن جو لعنتاڻو مون تي ئي آهي.


ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“


اسان کي خواريءَ سبب شرم ۾ ٻڏي مرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ۽ نافرماني پئي ڪئي آهي.“


منهنجو ڏک حد کان ٻاهر آهي، منهنجي دل اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي!


هائو، اها هر واٽهڙوءَ کي پڪاري چوي ٿي تہ ”اي واٽهڙؤ! ڏسو، ڇا اوهان جي نظر ۾ هي ڪجھہ بہ ناهي؟ غور سان ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪنهن ٻئي جو ڏک آهي ڇا؟ هائو، اهو ئي ڏک، جيڪو خداوند پنهنجي سخت قهر واري وقت مون کي رسايو.


آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن تي خدا پنهنجي غضبناڪ لٺ سان عذاب نازل ڪيو.


ڇو تون مون کي ناانصافي ٿو ڏيکارين؟ ڇو تون بڇڙائيءَ کي برداشت ٿو ڪرين؟ تباهي ۽ ڏاڍ منهنجي سامهون آهن، فتنو ۽ فساد بہ خوب لڳو پيو آهي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ دنيا خوش ٿيندي. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو.


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ خدا کين انهيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي‌عزتي ٿي.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي، جيئن هن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ


ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan