Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 20:13 - Muslim Sindhi Bible

13 بيشڪ اي خداوند! آءٌ تنهنجي واکاڻ ٿو ڳايان، اي خداوند! آءٌ تنهنجي ساراهہ ٿو ڪريان. تون ئي تہ آهين، جيڪو مظلومن جي جان بدڪارن جي هٿان ڇڏائين ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 خداوند جي تعريف ڳايو، اوهين خداوند جي ساراهہ ڪريو: ڇالاءِ جو هن محتاجن جي جان بدڪارن جي هٿن مان ڇڏائي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 20:13
9 Iomraidhean Croise  

مون مسڪين خداوند آڏو فرياد ڪيو، ۽ خداوند منهنجي ٻڌي ورتي. هن منهنجي سڀني مصيبتن کان مون کي بچائي ورتو.


انهيءَ سبب جو خداوند محتاجن جي ٻڌي ٿو، ۽ قيد ۾ پيل پنهنجي ماڻهن کي وساري نہ ٿو ڇڏي.


شل بادشاهہ قوم جي غريبن جو انصاف ڪندو رهي! شل هو محتاجن کي بچائيندو ۽ ظالمن کي چيڀاٽيندو رهي!


تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.


آءٌ تو کي شريرن جي هٿ کان بچائيندس، هائو، انهن ظالمن جي پڪڙ مان آءٌ تو کي ڇڏائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يعقوب جي نسل لاءِ خوشيءَ جا گيت ڳايو، قومن جي هن سردار قوم لاءِ نعرا هڻو. هائو، نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڪندي چئو تہ ’اي خداوند! تون ئي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي باقي بچي ويلن کي ڇڏائڻ وارو آهين.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan