Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 انهن نہ چيو تہ اهو خداوند ڪٿي آهي جنهن اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛ جنهن بيابان مان، رڻ پٽن ۽ کڏن جي ملڪ مان، خشڪيءَ ۽ موت جي پاڇي جي ملڪ مان، اهڙي زمين جنهن مان ڪوبہ ڪونہ ٿي لنگهيو ۽ جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو، تنهن مان اسان کي سونهون ٿي وٺي هليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:6
26 Iomraidhean Croise  

تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ”خداوند، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو.


شال اوندهہ ۽ موت جو پاڇو اچي انهيءَ ڏينهن تي قبضو ڪري، شال مٿس اونداهيءَ وارو ڪڪر ڇانيل رهي. شال انهيءَ ڏينهن کي هيبتناڪ شيون اچي ڊيڄارين، هائو، اهي جيڪي ڏينهن کي اونداهو ٿيون ڪري ڇڏين.


پر انهن مان اهڙو ڪوبہ ناهي جيڪو خدا آڏو ٻاڏائي، جيڪو سندن خالق آهي، جيڪو وڏين مشڪلاتن ۾ بہ کين خوشيءَ جا گيت ڳارائي ٿو.


توڙي جو کڻي آءٌ موت جي پاڇي وارين وادين مان لنگھندس، تڏهن بہ آءٌ ڪنهن کان ڪين ڊڄندس، ڇوجو تون مون سان آهين. هائو، تنهنجي لٺ ۽ لڪڻ منهنجي دلجاءِ جو سبب آهن.


جيڪي ڏينهن گذري ويا آهن تن تي آءٌ غور ڪريان ٿو، هائو، آڳاٽي زماني جي سالن کي ياد ڪريان ٿو.


”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو. هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو، ۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين. گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.


انهن بدڪارين جي ڪري تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، بلڪ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو اٿيئي. هاڻ ڪوبہ اهڙو ڪونهي، جيڪو تنهنجو نالو وٺي تو کان دعا گھري، نہ ئي ڪو اهڙو آهي جيڪو تنهنجي عبادت ڪري.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو، انهيءَ کان اڳ جو هو اونداهي آڻي ۽ اوهان جا پير اونداهين ٽڪرين تي ٿاٻڙجڻ لڳن. هائو، انهيءَ کان اڳ جو جڏهن اوهين روشنائيءَ جا منتظر هجو، تڏهن هو ان کي موت جي پاڇي ۾ بدلائي گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ ڦيرائي ڇڏي.


”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون کي اوهان جي اُها بي‌انتها محبت ياد آهي، جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا، هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم، جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا. اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين غير آباد رڻ‌پٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا.


ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو، جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو. اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا، ۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“


بني اسرائيل خداوند بابت ڪوڙ ڳالهايو آهي. چيو اٿائون تہ ”هو ڪجھہ بہ نہ ڪندو. اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچندو. اسان ڪڏهن بہ جنگ يا ڏڪار نہ ڏسنداسين.


جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو، تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“


ان جا شهر عبرت جو سبب بڻجي ويندا. اهي هڪ اهڙي خشڪ زمين ۽ رڻ‌پٽ ٿي ويندا، جتي ڪوبہ انسان نہ رهندو هجي، ۽ نہ وري اتان ڪو لنگھي سگھندو هجي.


پوءِ مون خداوند موسيٰ نبيءَ جي وسيلي اوهان يعقوب جي اولاد کي مصر مان ڪڍي آندو، هائو، انهيءَ نبيءَ جي ئي وسيلي مون اوهان جي سنڀال ڪئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اهو ئي خداوند اوهان جو بچائيندڙ خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو. تنهنڪري اوهان کي مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود بڻائڻ نہ گھرجي ها.


اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“


”پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب سينا جبل کان روانا ٿياسين ۽ انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگھياسين، جيڪو اوهان امورين جي جابلو علائقي ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو. پوءِ اسين قادش‌برنيع ۾ اچي پهتاسين.


خداوند هنن کي اهڙي رڻ‌پٽ ۾ لڌو هو، جيڪو سڃو سکڻو ۽ خوفائتو هو. تڏهن هن هر طرح سان سندن سار سنڀار لڌي، ۽ اک جي ماڻڪيءَ جيان سندن حفاظت ڪيائين.


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


جِدعون انهيءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! جيڪڏهن خداوند اسان سان آهي تہ پوءِ هي سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ٿيو آهي؟ هن جا اهي سڀ معجزا ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو هو تہ خداوند ڪيئن کين مصر مان هتي آندو؟ پر هاڻي تہ خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan