اي بني اسرائيل! ان وقت اوهين منهنجا ئي هئا، اوهين منهنجي لاءِ ئي مخصوص، ۽ فصل جي پهرين پيداوار جيان هئا. مون انهن سڀني کي مصيبت ۽ ڏک ۾ وڌو، جيڪي اوهان کي ايذائيندا هئا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
”ڇا تو هن ڳالهہ ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي جو ماڻهو چون ٿا تہ ’خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن کي چونڊي پنهنجي قوم بڻايو هئائين‘؟ هو ائين چوندي منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا ۽ کيس قوم ئي نہ ٿا سمجھن.