Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:36 - Muslim Sindhi Bible

36 تون پنهنجا رستا بدلائيندي بدلائيندي ڪيتري نہ گمراهہ ٿي ويئي آهين! جيئن اشور کان تو کي نااميدي ملي هئي تيئن مصر کان بہ نااميدي ئي ملندءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

36 تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:36
22 Iomraidhean Croise  

پوءِ ادومين وري يهوداہ تي اچي حملو ڪيو ۽ يهوداہ وارن مان ڪن کي قيد ڪري وٺي ويا. سو بادشاهہ آخز اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر کان مدد گھري.


پوءِ اهي جيڪي سوڊان ۽ مصر کي پنهنجي اميد ۽ فخر سمجھندا هئا، سي پريشان ۽ مايوس ٿي ويندا.


هاڻي نيل نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اشور ملڪ ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟


تون ڪيئن ٿي چوين تہ ’مون پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪيو آهي، نڪي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿم‘؟ ياد ڪر، تو ماٿريءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو. تون هڪڙي وهريل ڏاچيءَ وانگر آهين، جيڪا يَل پئي ڊوڙي.


اي منهنجي قوم! عاشقن کي ڳولي لهڻ ۾ تون ڪيڏي نہ ماهر آهين. بيشڪ بدڪار عورتون بہ تو کان ئي سکيون آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهان جا سڀ اتحادي ناس ٿي ويا آهن، سو وڃو، اوهين لبنان جي جبلن ڏانهن وڃي روئو رڙو، بسن جي جابلو علائقي ڏانهن وڃي رڙيون ڪريو، موآب واري عباريم جبل تان وڃي دانهون ڪريو.


اوهان جي اتحادين ۽ اڳواڻن کي قيد ڪري جلاوطن ڪيو ويندو. هائو، سندن دشمن کين واءُ جيان ٻُهاري کڻي ويندا. تڏهن اوهين پنهنجين بڇڙاين جي ڪري ڏاڍو خوار خراب ٿيندا.


اي اوهين! جيڪي نٺر ڌيءَ مثل آهيو، ڪيستائين پيا رلندا رهندا؟ خداوند دنيا ۾ هڪڙي نئين ڳالهہ پيدا ڪئي آهي، جيڪا هن مثال جهڙي آهي جو عورت کي مرد جو محافظ بڻايو وڃي.


۽ جن کي صدقياہ بادشاهہ خدا کان دعا گھرڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليو هو، تن جي معرفت مون صدقياہ بادشاهہ کي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان چوائي موڪليو تہ ”فرعون جو لشڪر جيڪو تنهنجي مدد لاءِ نڪتو آهي سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏانهن هليو ويندو.


قومن ۾ هن جي خواري مشهور ٿي ويندي، ۽ دنيا هن جي روڄ راڙي سان ڀرجي ويندي. اي مصر وارؤ! اوهان جا جنگي جوڌا هڪٻئي مٿان ٿاٻڙجي ٿا ڪِرن.


اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي. هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ نهاري نهاري ٿڪجي پيون، پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي.


اسان جيئري رهڻ ۽ کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي مصرين ۽ اشورين ڏانهن معاهدي لاءِ پنهنجو هٿ ڊگھيريون ٿا.


جيئن تہ زناڪاريءَ مان تنهنجو ڍءُ ئي نہ ٿي ٿيو سو تو اشورين سان بہ زناڪاري ڪئي. هائو، تو انهن سان بہ بدڪاري ڪئي پر تڏهن بہ تنهنجو ڍءُ نہ ٿيو.


ڇاڪاڻ تہ هنن جڏهن تو کي هٿ ۾ ٿي جھليو، تڏهن تون ٽٽي ٿي پئين ۽ سندن ڪلها زخمي ڪري ٿي وڌءِ. جيئن ڪانن جي لٺ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي، ۽ ٽيڪ ڏيڻ واري جي چيلهہ ڪمزور ٿي لڏي وڃي ٿي. تيئن ئي جڏهن هنن تو تي ٽيڪ ٿي ڏني، تڏهن تو هنن جي ڪابہ مدد نہ ٿي ڪئي.


اشور جي عظيم شهنشاهہ وٽ نذراني طور اهو گابي وارو بت پيش ڪيو ويندو. اسرائيل وارا پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري خوار خراب ٿيندا.


اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.


اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“


يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو، ۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي، تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا، تان‌تہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين. پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو، نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.


اسرائيل وارا بي‌عقل ۽ بي‌سمجھہ ڪبوتر جيان هيڏانهن هوڏانهن ٿا اُڏرن. اهي مدد لاءِ مصرين کي ٿا ٻاڏائين، ۽ اشور ملڪ ڏانهن پڻ وڃڻ ٿا چاهين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan