Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:35 - Muslim Sindhi Bible

35 انهيءَ هوندي بہ تون چوين ٿي تہ ’آءٌ بي‌گناهہ آهيان، يقيناً خداوند جي ڪاوڙ مون تان ٽري ويئي آهي.‘ پر ياد رک، آءٌ خداوند تو کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ تون انڪاري آهين تہ تو گناهہ نہ ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

35 انهيءَ هوندي بہ تو چيو تہ آءٌ بيگناهہ آهيان؛ يقيناً هن جي ڪاوڙ مون تان لهي وئي آهي. ڏس، آءٌ توتي فتويٰ ڏيندس، ڇالاءِ جو تون چوين ٿي تہ مون گناهہ ڪونہ ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:35
11 Iomraidhean Croise  

’آءٌ پاڪ ۽ گناهن کان آجو آهيان، آءٌ بي‌قصور آهيان، مون ۾ ڪابہ برائي ڪانهي،


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


تڏهن بہ اهي ائين چوندا ٿا رهن تہ ’اسين ڇو روزا رکون، جڏهن تہ خداوند انهن تي ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي؟ اسين ڇو پنهنجي جان کي ڏک ڏيون، جڏهن تہ هو انهيءَ جي خبر ئي نہ ٿو رکي؟‘“ خداوند کين ورندي ڏيئي چوي ٿو تہ ”حقيقت هيءَ آهي جو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين رڳو پنهنجو مطلب پورو ٿا ڪريو، ۽ پنهنجي نوڪرن کان سخت ڪم ٿا وٺو.


جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي ڳالهيون ٻڌائين ۽ هو تو کان پڇن تہ ’ڇو خداوند هيڏي ساري مصيبت اسان تي آندي آهي؟ اسان ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟ اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟‘


تون ڪيئن ٿي چوين تہ ’مون پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪيو آهي، نڪي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿم‘؟ ياد ڪر، تو ماٿريءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو. تون هڪڙي وهريل ڏاچيءَ وانگر آهين، جيڪا يَل پئي ڊوڙي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون تي الزام ڇو ٿا هڻو؟ جڏهن تہ اوهان سڀيئي پاڻ منهنجي خلاف بغاوت ڪري چڪا آهيو.


”تنهنڪري آءٌ خداوند پنهنجي قوم جي خلاف مقدمو اٿلائيندس، هائو، آءٌ وري سندن اولاد جي خلاف مقدمو هلائيندس.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين هڪ هڪل واڪا ڪندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قومن کي ڏوهي قرار ڏيندو. هو پوري انسانذات جي عدالت ڪندو ۽ شريرن کي تلوار جي حوالي ڪندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.‘“


آءٌ پنهنجو ڄار مٿس اڇلائي کيس ڦندي ۾ ڦاسائيندس. آءٌ کيس گهلي بابل ۾ وٺي ايندس ۽ اتي سزا ڏيندومانس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان بي‌وفائي ڪئي.


ڪو وقت هو جڏهن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو هئس. پر جڏهن شريعت وارو اهو حڪم منهنجي سامهون آيو تڏهن گناهہ جيئرو ٿي پيو


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan