Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:31 - Muslim Sindhi Bible

31 اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻ‌پٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

31 اي هن پيڙهيءَ جا ماڻهو، اوهين خداوند جو ڪلام ڏسو. آءٌ اسرائيل جي لاءِ ڪو بيابان ٿيو آهيان ڇا؟ يا گهاٽي اونداهيءَ واري زمين آهيان ڇا؟ منهنجي قوم ڇو ٿي چوي تہ اسين ڇوڙي ڇڏيا ويا آهيون، اسين اڳتي وري تو وٽ نہ اينداسين؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:31
26 Iomraidhean Croise  

تڏهن فرعون کانئس پڇيو تہ ”هتي تو کي ڪهڙي شيءِ جي ڪمي آهي جو تون پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو گھرين؟“ هدد وراڻيو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ، پر تڏهن بہ مون کي موڪل ڏيو.“


تڏهن عزرياہ سردار ڪاهن جيڪو صدوق جي گھراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”جڏهن کان ماڻهن خداوند جي گھر ۾ پنهنجا نذرانا آڻڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان وٺي اسان جھجھو ئي پئي کاڌو پيتو آهي ۽ گھڻو ڪجھہ بچي بہ پيو آهي. جيئن تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي برڪت ڏني آهي، سو کاڌي کان پوءِ بہ هيترو سارو بچيو پيو آهي.“


تنهن هوندي بہ اهي بدڪار خدا کي هيئن ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏي ڏي، ڇو تہ اسين تنهنجي واٽن جا طالبو ناهيون.‘


بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“


اهي پاڻ ۾ چون ٿا تہ ”اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين، ۽ جيڪي وڻندو سو چونداسين، ڪير آهي جيڪو اسان کي روڪي سگھي؟“


انهيءَ سبب جو جيڪڏهن مون وٽ کائڻ لاءِ جھجھو هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ تو کان مُنڪر ٿيان ۽ چوان تہ ’خداوند ڪير آهي؟‘ يا جيڪڏهن مون وٽ کاڌي لاءِ ڪجھہ بہ نہ هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ چوري ڪريان، ۽ تنهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ڪريان.“


مون نڪي ڳجھہ ڳوهہ ۾، ۽ نہ وري ڌرتيءَ جي ڪنهن اونداهيءَ جاءِ مان، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. مون يعقوب جي نسل کي ڪين چيو آهي تہ ’اوهين منهنجي ڳولا ڪنهن ويران بيابان ۾ ڪريو.‘ آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان، آءٌ سچائيءَ جون ڳالهيون بيان ٿو ڪريان.“


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.


اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! ڌارين معبودن پٺيان لڳي پنهنجي پيرن ۾ لڦون نہ وجھہ، نڪي سندن پٺيان لڳي سهڪندي پنهنجي نڙي سڪاءِ. پر تون چوين ٿي تہ ’نہ، آءٌ هرگز نہ مڙنديس. مون کي ڌارين معبودن سان عشق آهي ۽ آءٌ انهن جي ئي پوڄا ڪنديس.‘“


سو آءٌ اڳواڻن ڏانهن ويندس، ۽ ساڻن ڳالهائيندس. يقيناً هنن کي خداوند جي رستي ۽ پنهنجي خدا جي تقاضا جي خبر هوندي.“ پر هنن سڀني تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، تان‌تہ تنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان آجا ٿي وڃن.


اهو ئي سبب آهي جو ٻيلي مان هڪڙو شينهن هنن تي حملو ڪري کين چٽ ڪندو، بيابان مان هڪڙو بگھڙ اچي کين کائيندو، هڪڙو چيتو سندن شهرن جي ويجھو ڇپ هڻي ويهندو، تہ جيئن جيڪو اتان ٻاهر نڪري تنهن کي چيري ڦاڙي ڇڏي. اهو انهيءَ ڪري جو هنن جي بغاوت وڌي ويئي آهي، ۽ سندن قصور گھڻا ٿي ويا آهن.


اهي بتن جي پوڄا ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن. سو آءٌ سندن بت‌پرستيءَ جي دلي خواهش مطابق کين سزا ڏيندس.


پر جڏهن اوهين سرسبز ملڪ ۾ داخل ٿيا، ۽ اوهان کائي پي ڍءُ ڪيو، هائو، جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريو، تڏهن اوهين مغرور ٿي ويا ۽ اوهان مون کي وساري ڇڏيو.


هي ڳالهيون تقوع شهر جي ڌنار عاموس جون آهن. اسرائيل وارن بابت اهي ڳالهيون يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ عُزياہ ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ يربعام ثاني ولد يهوآس جي ڏينهن ۾ زلزلي کان ٻہ سال اڳ خدا عاموس کي رويا ۾ ڏيکاريون.


اها دانائي آهي تہ خداوند کان ڊڄڻ گھرجي. خداوند يروشلم شهر وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ ”ٻڌو، اي شهر ۾ گڏ ٿيڻ وارؤ! منهنجو هي پيغام ٻڌو.


واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي بادشاهي ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ بادشاهي ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ بادشاهي ڪريون ها.


انهيءَ سبب جو تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهيءَ آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ پهچائيندس، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو ۽ جتي هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا، تڏهن هو غير معبودن ڏانهن ڦرندا، انهن جي پوڄا ڪندا، مون کي حقير ڄاڻيندا ۽ منهنجو عهد ڀڃي ڇڏيندا.


پر خدا جا اهي پيارا جڏهن کائي پئي ٿلها متارا ٿيا، تڏهن سندن پيٽ ڀرجي ويو ۽ اهي لتون هڻڻ لڳا. پوءِ جنهن خدا کين جوڙيو هو تنهن کي ڇڏي ڏنائون، ۽ پنهنجي انهيءَ طاقتور ڇڏائيندڙ کي حقير ڄاتائون.


هو انهيءَ محافظ کان غافل ٿي ويا جنهن کين پيدا ڪيو هو، هائو، هنن خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين خلقيو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan