Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:25 - Muslim Sindhi Bible

25 اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! ڌارين معبودن پٺيان لڳي پنهنجي پيرن ۾ لڦون نہ وجھہ، نڪي سندن پٺيان لڳي سهڪندي پنهنجي نڙي سڪاءِ. پر تون چوين ٿي تہ ’نہ، آءٌ هرگز نہ مڙنديس. مون کي ڌارين معبودن سان عشق آهي ۽ آءٌ انهن جي ئي پوڄا ڪنديس.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 تون بنا نعلن رهڻ کان پنهنجو پير جهل، ۽ پنهنجي نڙيءَ کي اُڃ کان بچاءِ: پر تو چيو تہ اُميد ڪانهي: اصلي نہ؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڌارين سان محبت لڳل آهي، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ويندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:25
27 Iomraidhean Croise  

آخز بادشاهہ پنهنجي تنگيءَ وارن ڏينهن ۾ اڃا بہ وڌيڪ خداوند جو نافرمان ٿي پيو.


هن دمشق جي ديوتائن جي لاءِ قربانيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال موجب هنن ئي کيس شڪست ڏياري هئي. هن سوچيو تہ ”جيئن تہ ارام جي بادشاهن جي ديوتائن هنن جي مدد ڪئي هئي، سو آءٌ بہ انهن جي لاءِ قربانيون ڪندس تہ جيئن هو منهنجي بہ مدد ڪندا.“ پر آخز جو اهو عمل سڀني يهوداہ وارن لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻيو.


اي خدا! تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي اولاد کي ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھن اوڀر وارين قومن، ۽ فلستين وانگر جادوگر ۽ نجومي پيدا ٿي ويا آهن، ۽ هنن ڌارين سان ويجھا لاڳاپا قائم ڪيا آهن.


جيتوڻيڪ تو اهڙن يارن جي پٺيان ڊوڙندي پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي، تڏهن بہ تون انهن مان سوس نہ ٿي پلين. تنهنجي بڇڙي خواهش تو کي تازگي ٿي بخشي، سو تون ڪڏهن بہ بي‌دل نہ ٿي ٿئين.


هاڻي تون ڇا ٿي چوين جو اها قوم تو تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪاهہ ڪيو ٿي اچي، جنهن کي تو پنهنجو سڄڻ ٿي سمجھيو؟ هاڻ تہ تون ڪنهن ويم ڪندڙ عورت جهڙن سورن ۾ هوندينءَ.


پوءِ جي تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ”مون سان ائين ڇو ٿيو آهي؟“ تہ پوءِ ٻڌ، اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري آهي، جو ڪپڙا ڦاڙي تو کي اگھاڙو ڪيو ويو آهي، ۽ تو سان زوريءَ زنا ڪئي ويئي آهي.


پر آءٌ خداوند هن قوم بابت چوان ٿو تہ هنن کي منهنجي راهہ کان ڀٽڪڻ تمام گھڻو پسند آيو آهي، هنن پنهنجن پيرن کي رُلڻ کان نہ روڪيو آهي. تنهنڪري آءٌ خداوند هنن کي قبول نہ ٿو ڪريان. هاڻ آءٌ هنن جي بدڪارين کي ياد ڪري کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس.“


پر هو وراڻيندا تہ ’تون جيڪي چوين ٿو تنهن جي اسان کي ڪا پرواهہ ڪانهي. اسين پنهنجين تجويزن کي جاري رکنداسين. اسان مان هر ڪو پنهنجي شرير دل جي هوڏ تي هلندو.‘“


اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻ‌پٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهان جا سڀ اتحادي ناس ٿي ويا آهن، سو وڃو، اوهين لبنان جي جبلن ڏانهن وڃي روئو رڙو، بسن جي جابلو علائقي ڏانهن وڃي رڙيون ڪريو، موآب واري عباريم جبل تان وڃي دانهون ڪريو.


جڏهن اوهين پوريءَ طرح خوشحال هئا، تڏهن مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي. شروعات کان ئي اوهان جي اها عادت رهي آهي، جو اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.


اها هر رات زاروزار روئي ٿي، ۽ سندس ڳلن تان ڳوڙها وهندا ٿا رهن. هن جي ناجائز چاهڻ وارن مان ڪوبہ ناهي، جيڪو کيس دلاسو ڏئي. سندس سڀني دوستن ساڻس دغا ڪئي آهي، ۽ سندس دشمن ٿي پيا آهن.


گھڻيءَ اڃ سبب کير پياڪ ٻارڙن جي زبان سندن تارونءَ سان وڃي لڳي آهي. ننڍا ٻارڙا مانيءَ ڳڀي لاءِ پيا رڙن، پر ڪو مانيءَ جو ٽڪرو بہ سندن وات ۾ نہ ٿو وجھي.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪو خيال اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿو سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو. اوهين سوچو ٿا تہ ’اسين بہ غير قومن ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ قبيلن جي ريتن رسمن تي هلي ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.‘ پر ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.


ائين نہ ٿئي جو سندس ڄمڻ جي وقت وانگر آءٌ کيس بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيان، يا ائين نہ ٿئي جو آءٌ کيس بيابان جهڙو ويران ڪري ڇڏيان. هائو، آءٌ کيس ٺوٺ زمين جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ پياسو ڪري ماريانس.


سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بي‌حيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘


ڇا اوهان اهو نہ چيو آهي تہ ’خداوند جي فرمانبرداري ڪرڻ اجائي آهي. سو قادرِمطلق خداوند جا حڪم مڃڻ ۽ سندس اڳيان سوڳ واريءَ حالت ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟‘


پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.


تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراهيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘


انهيءَ اميد سان اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟


تڏهن هاڻي بک، اُڃ، اوگھڙ ۽ هر شيءِ جي محتاجيءَ ۾ اوهان انهن دشمنن جي تابعداري ڪندا، جيڪي خداوند اوهان تي موڪليندو. خداوند اوهان جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھي ڇڏيندو، جيستائين اوهان کي برباد نہ ڪري ڇڏي.


هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري خداوند کي غيرت ڏياري، هائو، ڪراهت وارين شين سان هنن کيس بيحد غصو ڏياريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan