Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:20 - Muslim Sindhi Bible

20 خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:20
50 Iomraidhean Croise  

يربعام پنهنجي مرضيءَ موجب اٺين مهيني جي پندرهين تاريخ هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي عيد يهوداہ ۾ ٿيندي هئي. پوءِ هو ساڳئي ڏينهن تي بيت‌ايل ڏانهن ويو جتي سوني گابي اڳيان قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪيائين ۽ اتي بہ هن جيڪي مختلف هنڌن تي پوڄا گھر ٺهرايا هئا تن ۾ پڻ مذهبي اڳواڻ مقرر ڪيا.


هنن پنهنجي لاءِ غير معبودن وارا پوڄا گھر ٺاهيا. هنن ٽڪرين تي ۽ وڏي ڇانوري وارن وڻن هيٺ پٿر جا ٿنڀا ۽ يسيرہ ديويءَ جون مورتيون بہ لڳايون.


هو کين اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي مان ڪڍي آيو، ۽ سندن قيد جي بندن کي ڀڃي ڇڏيائين.


”اچو تہ اسين پاڻ تان سندن ٻڌل رسا ٽوڙي آزاد ٿيون، هائو، اسين سندن تابعداريءَ مان پاڻ کي آزاد ڪري وٺون.“


هنن پنهنجي بت‌خانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني تہ ”جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين.“ موسيٰ ماڻهن جو اهو جواب خداوند کي ٻڌائڻ ويو.


تڏهن موسيٰ ماڻهن وٽ اچي کين خداوند جون سموريون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ٻڌايا. سڀني ماڻهن هم‌آواز ٿي جواب ڏنو تہ ”جيڪي بہ ڳالهيون خداوند فرمايون آهن، سي سڀ اسين مڃينداسين.“


انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.


آہ! جيڪو شهر ڪڏهن باوفا هو، سو هاڻي ڪيئن نہ هڪ زناڪار عورت جهڙو ٿي پيو آهي! اڳ اهو انصاف سان ڀريل هو، ۽ منجھس سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ۾ رڳو قاتل ۽ خوني ٿا رهن.


جڏهن اهو وقت ايندو تہ آءٌ اشور جو بار اوهان جي ڪلهن تان لاهي ڦٽو ڪندس. هائو، اوهان جي ڳچيءَ مان سندن ظلم جي پاڃاري ڀڃي ٽڪرا ڪري ڇڏيندس.“ دشمن لشڪر وارن رمون جي ٽڪر وٽان ٿيندي


آءٌ پنهنجي ملڪ يهوداہ ۾ اشورين کي شڪست ڏيندس. هائو، آءٌ پنهنجي جبلن تي کين پيرن هيٺ لتاڙيندس. تڏهن منهنجي قوم جي ڳچين مان اشورين جي غلاميءَ جي پاڃاري نڪرندي. هائو، تڏهن سندن ڪلهن تان بار لهي ويندو،


انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.


اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.


اوهين عبادت ڪرڻ لاءِ تہ نڪرو ٿا پر يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ قربان‌گاهن وٽ اچي پوڄا ڪريو ٿا جيڪي هر سائي وڻ، ٽڪرين جي چوٽين


اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻ‌پٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سندن ڳچين مان غلاميءَ جي پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس ۽ سندن قيد جا رسا ٽوڙي ڇڏيندس. پوءِ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي کين پنهنجو غلام بڻائي نہ سگھندا.


سو آءٌ اڳواڻن ڏانهن ويندس، ۽ ساڻن ڳالهائيندس. يقيناً هنن کي خداوند جي رستي ۽ پنهنجي خدا جي تقاضا جي خبر هوندي.“ پر هنن سڀني تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، تان‌تہ تنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان آجا ٿي وڃن.


جيئن تہ زناڪاريءَ مان تنهنجو ڍءُ ئي نہ ٿي ٿيو سو تو اشورين سان بہ زناڪاري ڪئي. هائو، تو انهن سان بہ بدڪاري ڪئي پر تڏهن بہ تنهنجو ڍءُ نہ ٿيو.


تو هر گھٽيءَ ۾ اهڙيون جايون جوڙيون آهن، جتي بتن جي پوڄا ۽ زناڪاري ڪئي اٿيئي. پر پوءِ بہ تون انهيءَ ڪڃريءَ جهڙي بہ ناهين جيڪا پنهنجي اجرت وٺي ٿي.


هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ.


جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو.


اهولہ جيتوڻيڪ مون سان پرڻي، تڏهن بہ زناڪاري جاري رکندي آئي ۽ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي جنگي سپاهي هئا


خداوند شروع ۾ هوسيع کي فرمايو تہ ”اي هوسيع! جيئن تہ اسرائيل وارا هڪ بي‌وفا زال وانگر مون خداوند کان ڦري ويا آهن. سو تون وڃي هڪڙي بي‌وفا عورت سان شادي ڪر ۽ سندس ئي جهڙا ٻار پيدا ڪر.“


سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بي‌حيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘


تنهن هوندي بہ مون کيس چيو تہ ”تون هاڻي گھڻي وقت تائين رڳو منهنجي انتظار ۾ رهہ ۽ آءٌ بہ تنهنجي ويجھو ڪونہ ايندس بلڪ تنهنجي انتظار ۾ رهندس. ان وقت تائين تون ڪنهن ٻئي سان وڃي نہ سمهج. هائو، تون ڪسب هرگز نہ ڪرائج.“


اهي جبلن جي چوٽين تي رکيل بتن جي آڏو وڃي نذرانا ٿا پيش ڪن. ٽڪرين تي جيڪي شاهہ‌بلوط، ديال ۽ تارپين جا ڇانويري وارا وڻ آهن، تن جي هيٺان وڃي اهي قربانيون ٿا ڪن. اي اسرائيل وارؤ! اوهان جون نوجوان ڌيئرون، ۽ ننهرون پوڄا ڪندي زنا ٿيون ڪرائين.


اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻين قومن جيان خوشي ۽ شادمانو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا سان بي‌وفائي ڪري کانئس پري ٿي ويا آهيو. هائو، اوهان بعل ديوتائن اڳيان پاڻ کي ڪسبياڻيءَ جيان پيش ڪيو آهي، ائين اوهان کي جيڪو اناج ملي ٿو، تنهن کي اوهين پنهنجي ڪسب جو عيوضو ٿا سمجھو.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اڳتي مصرين جا غلام نہ رهو. مون اوهان جي پاڃاريءَ جا ڏورڻا ڀڃي ڇڏيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪنڌ مٿي ڪري هلو.“


هاڻ آءٌ هنن جي پاڃاري اوهان جي ڳچيءَ مان لاهي ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا بند ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس.“


اتي اوهين ضرور انهن سڀني جاين کي برباد ڪري ڇڏجو، جتي جتي اهي قومون جن جي اوهين جاءِ وٺندا، سي اوچن جبلن ۽ ٽڪرين تي ۽ هر هڪ سائي وڻ جي هيٺ پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون.


ياد ڪريو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڇڏايو. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي هي حڪم ٿو ڏيان.


اوهان اڄوڪي ڏينهن اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي اوهان جو خدا آهي ۽ اوهين هن جي واٽن تي هلندا. اوهين هن جي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهندا ۽ سندس تابعداري ڪندا.


پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


اي موسيٰ! توهان ئي ويجھو وڃونس ۽ جيڪي ڪجھہ خداوند اسان جو خدا چوي سو ٻڌو. پوءِ موٽي اچي اسان کي ٻڌايو تہ هن ڇا چيو. اسين اهو ٻڌي انهيءَ تي عمل ڪنداسين.‘


تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏني تہ ”توهان جيئن اسان کي حڪم ڏنو آهي تيئن اسين ڪنداسين ۽ جيڏانهن توهين اسان کي موڪليندا تيڏانهن وينداسين.


ماڻهن يشوع کي چيو تہ ”اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ سندس فرمانبرداري ڪنداسين.“


يشوع اهي سڀ خدا جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيا. پوءِ هن هڪڙو وڏو پٿر کڻي، اتي واري خداوند جي پاڪ جاءِ ۾ شاهہ‌بلوط وڻ جي هيٺان کوڙائي ڇڏيو.


پوءِ انهن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


پوءِ بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ هو بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


هو خداوند کي ڇڏي بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


پوءِ اهي خداوند کي پڪاري چوڻ لڳا تہ ’بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو تو خداوند کي ڇڏي بعليم ۽ عستارات ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿئون. پر هاڻي تون اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ تہ اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan