يرمياہ 2:2 - Muslim Sindhi Bible2 ”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون کي اوهان جي اُها بيانتها محبت ياد آهي، جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا، هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم، جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا. اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين غير آباد رڻپٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا. Faic an caibideilSindhi Bible2 وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين. Faic an caibideil |
پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.